سنڌ ۾ تعليم کاتي اندر ڪيترن ئي سالن کان مقرر 615 بااثر سپرنٽنڊنٽس بدلي: نوٽيفڪيشن جاري

آگسٽ 27, 2024

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ تعليم کاتي اندر ڪيئي سالن کان ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اِي اوز جي آفيسن ۾ بااثر سپرينٽنڊنٽس مقرر هجڻ وارو معاملو، تعليم واري صوبائي وزير عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڪيئي سالن کان مقرر سپرينٽنڊنٽس کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير جي هدايتن بعد سالن کان ويٺل سپرينٽنڊنٽس جون بدليون، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر سميت مختلف ضلعن جا 615 سپرينٽنڊنٽس تبديل ڪرڻ جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي اختيارين مختلف ضلعن ۾ ڪيئي سالن کان وٺي ڊي اِي اوز، ٽي اِي اوز توڙي ڊائريڪٽرن جي آفيسن ۾ مقرر ٿيل سپرينٽنڊنٽس خلاف مختلف وقتن تي سائلين کان رشوت وٺڻ جي شڪايتن کان پوءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ جي هدايتن تي کين عهدن تان هٽائي مختلف سائيڊ پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪالهه اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته ڪراچي جا 42، حيدرآباد جا 52، ٽنڊو محمد خان ۾ 4، سجاول ۾ 23، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 15، ڄامشورو ۾ 33 سپرينٽنڊنٽس گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي هڪ ئي هنڌ مقرر ٿيل هئا، جن کي تبديل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح دادو جا 24، بدين جا 13، ٺٽي ضلعي جا 24، مٽياري جا 11، ميرپورخاص جا 58، عمرڪوٽ جا 17، ٿرپارڪر جا 28، شهيد بينظيرآباد جا 31، سانگھڙ جا 17، نوشهروفيروز جا 31 سپرينٽنڊنٽس به بدلي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سکر ضلعي جا 107، لاڙڪاڻي جا 29، جيڪب آباد جا 18، قمبر شهدادڪوٽ جا 3، شڪارپور جا 16، ڪشمور ضلعي جا 19 سپرينٽنڊنٽس به بدلي ڪري کين مختلف اسڪولن ۾ سائيڊ پوسٽن تي مقرر ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment