تعليم کاتي جي مختلف رٿائن ۾ وڏا گهپلا، 4 ارب 38 ڪروڙ ڪيڏانهن ويا؟ ڪاميٽي جو پڇاڻو
آگسٽ 20, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائوٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تعليم کاتي ۾ ڪتابن جي ڇپائي توڙي فرنيچر جي خريداري سميت مختلف منصوبن ۾ وڏي پئماني تي بيضابطگين جو انڪشاف
سال 2016_17ع دوران سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۾ 4 ارب 38 ڪروڙ رپين جي سامهون آيل بيضابطگين بعد اختيارين پاران اڃا تائين رڪارڊ به پيش نه ڪيو ويو، مختلف منصوبن ۾ خرچ ٿيل رقم جا 18 مان رڳو ٻن آفيسرن پاران رڪارڊ پيش ڪيو ويو، آڊيٽر جنرل جي اختيارين چيو آهي ته 16 آفيسرن اڃا تائين رڪارڊ جمع ناهي ڪرايو
ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو تعليم کاتي بابت اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ تعليم کاتي جي اختيارين توڙي پي اي سي ميمبرن پاران شرڪت ڪئي وئي، اجلاس دوران مالي سال 2016_17ع جي آڊٽ رپورٽن جو جائزو ورتو ويو
اجلاس دوران تعليم کاتي ۾ ڄاڻايل سال ۾ وڏي پئماني تي بيضابطگيون سامهون آيون آهن، جڏهن ته آڊٽ رپورٽ موجب ته سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۾ سامهون آيل 4 ارب 38 ڪروڙن جي بيضابطگين بعد اڃا تائين اختيارين رڪارڊ پيش ناهي ڪيو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ان وقت ڄاڻايل آفيسر ڪير هئا ۽ هينئر ڪٿي آهن؟ جيڪي رڪارڊ به پيش نه ڪري سگهيا آهن، کانئن حساب ورتو وڃي، پي اي سي چيئرمين جي اهڙي هدايت بعد اسڪول ايجوڪيشن جي سيڪريٽري زاهد عباسي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي ، جنهن کي ذميواري سونپي وئي ته 10 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.