ايجوڪيشن فائونڊيشن جي فنڊن ۾ ساڍا 8 اربن جا گھپلا: اڻ رجسٽرڊاسڪولن تي81 ڪروڙن جي نوازش
آگسٽ 17, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (سيف) جي فنڊز ۾ 8 ارب 53 ڪروڙ 20 لک رپين جي گھوٻين جو انڪشاف،آڊيٽر جنرل آبزرويشن جاري ڪري ڇڏي
ان ڏس ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران اسڪولن لاءِ سبسڊي جي مد ۾ 34 ڪروڙ 63 لک رپيا مختلف اسڪول مالڪن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران 80 ڪروڙ 90 لک رپيا اڻ رجسٽرڊ اسڪولن کي جاري ڪيا ويا
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته 2 ڪروڙ 58 لک رپيا انھن پارٽنرز جي نالي تي جاري ٿيا، جن جا شناختي ڪارڊ توڙي اين ٽي اين ۽ اسڪول جي رجسٽريشن درست نه ھئي
رپورٽ موجب ھڪ ڪروڙ 18 لک رپيا انھن 12 اسڪولن کي جاري ڪيا ويا، جن جي پارٽنرشپ اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي ھئي، انهن بي قاعدگين جي آبزروريشن بابت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کان جواب طلب ڪرڻ تي نظرانداز ڪيو ويو، ڪو به جواب نه ڏنو ويو
اهڙي رپورٽ بابت سيف جي ايم ڊي قاضي ڪبير جو چوڻ هو ته اها آڊيٽر جنرل جي آبزرويشن آھي پر آڊٽ رپورٽ ناھي، آڊيٽر جنرل جي آبزرويشن کي ڪرپشن نٿو چئي سگهجي، انهي جي ڪا اهميت ناهي
هن چيو ته سنڌ جي خانگي اسڪولن جي هڪ سال کان رجسٽريشن بند ھئي، اسان کي اسڪولن کي فنڊ ته جاري ڪرڻا ھئا
ھن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن وٽ 10 لک کان وڌيڪ ٻار پڙھن ٿا، اسان سرڪار کي چيو آهي ته اسان کي پارٽنر اسڪولن کي رجسٽر ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي
هن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ سنڌ سرڪار پاران مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ پگهار واري اعلان تي عمل نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته اسان جي اسڪولن ۾ 15 کان 20 ھزار رپين وچ ۾ پگھار ڏني وڃي ٿي، ڪٿي ڪٿي پرنسپال کي ته لک رپين تائين به پگھار ملي ٿي
هن چيو ته اسان پھرين کان 8 درجي جي شاگردن لاءِ 800 کان وٺي 1500 رپيا في شاگرد ڏيندا آھيون، انهي رقم مان اسڪول ھلائيندڙ انتظاميا پٽيوالي ۽ استاد کي 37 هزار پگهار ڏئي نٿي سگهي