عيد تي وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف اڄ کان مهم شروع
جُون 10, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي عيد تي وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف اڄ کان مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي طرفان آءِ جي سنڌ، سمورن ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي سيز کي خط به لکيو ويو آهي، ٻئي طرف سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي هر قسم جو رليف ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، مسافرن کي پريشان ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته مقرر ڀاڙن ۾ غيرقانوني اضافو ڪندڙ ٽرانسپورٽرن ۽ آپريٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جي مهم جو مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ مسافرن تي ڪنهن به غير ضروري مالي دٻاءُ کي روڪڻ آهي. هن هدايت ڪئي ته سموريون آر ٽي ايز ۽ ڊي آر ٽي ايز عوام کي رليف جي فراهمي کي يقيني بڻائين.