عيدالاضحى ۾ باقي 6 ڏينهن: ٽنڊي محمد خان جي مال پڙين ۾ ٻاڙائي، خريدار ۽ واپاري ٻئي پريشان
جُون 11, 2024
ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) عيدالاضحى ۾ باقي 6 ڏينهن رهجي ويا، ٽنڊو محمد خان جي مال پڙين ۾ قرباني جي جانورن جا اگھه چوٽ چڙهيل هجڻ ڪري خريداري ۾ ٻاڙائي ٿي وئي، مال پڙين ۾ ان حوالي سان ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽن مال پڙين ٽنڊو سائينداد مال پڙي، مير مال پڙي ۽ تلهار مال پڙي ۾ ڍورن جا اگهه چوٽ چڙهيل هجڻ ڪري خريداري ۾ ٻاڙائي واري صورتحال ٿي وئي، هلندڙ سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڍورن جا اگھه ٻيڻ تي آهن، خريدار عبدالجبار، غلام علي، شڪيل احمد، خادم جسڪاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته واپارين هڪ هٺي قائم ڪري ڍورن جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مال پڙين کان گهٽ قيمت تي ڍور ملندا هئا پر هن دفعي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کان به اگھه چوٽ چڙهيل آهن، عيدالاضحى ۾ 6 ڏينهن رهيا آهن پر جانور وڏي انگ ۾ مال پڙين ۾ موجود آهن، واپارين چيو ته ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا، ڍورن جو چارو مهانگو ٿي ويو آهي، اسان کي اگهه گهٽ ملي رهيا آهن، پاڻ پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، ماڻهو اگهه پڇا ڪري واپس هليا وڃن ٿا.
ڳانن، ڪڙن ۽ موتين جي هارن جا دڪاندار به پريشان
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي مال پڙين ۾ قرباني لاءِ ايندڙ جانورن کي سينگارڻ لاءِ ڳانا، گهنگڙو، ڪڙا، ونجھه، موتين جي هارن سميت مختلف سينگار جا دڪان قائم ڪيا ويا آهن، سينگار جو سامان وڪرو ڪندڙ واپارين قاسو، جمعون، ڪريم ۽ ٻين ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته هن سال جانور مهانگا وڪرو ٿيڻ ڪري سينگار جي سامان جو وڪرو تمام گهٽ ٿي رهيو آهي، گذريل سال جانور وڌيڪ وڪرو ٿيا ۽ اسان جو سامان به وڌيڪ وڪرو ٿيو هو.
دادو جي مال پڙي ۾ سهڻن ڍورن جي آمد، اگهه ٻڌي خريدارن جون دانهون
دادو جي مال پڙي ۾ مالوند ماڻهن پاران قرباني لاءِ تيار ڪيل اعليٰ نسل جا وهڙا، پاڏا ۽ ڇيلا وڪرو ڪرڻ لاءِ ڳانن سان سينگاري آندا ويا، دادو جي مال پڙي ۾ تيزي هئڻ ڪري قرباني جي جانورن جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافو اچڻ ڪري خريدارن کان دانهون نڪري ويون، خدا بخش، عبدالرحيم، پير بخش شاهاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته 3 مڻ جو ڍور 2 کان اڍائي لک رپين ۾ ملي رهيو آهي، ميوو خان، محمد سفر ۽ محسن علي ۽ ٻين مالوند ماڻهن جو چوڻ هو عيدالاضحيٰ لاءِ خاص طور تي ڍور تيار ڪيا ويندا آهن، ڍورن کي ڪڻڪ جو ڏارو، کڙ، بُهه ۽ سائو گاھه کارايو ويندو آهي، خريدار چون ٿا ته ٻه لک وارو ڍور هڪ لک رپين ۾ ڏيو، جيڪو ممڪن ناهي، مالوند ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻئي طرف ڇيلن جا اگھه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا، 40 کان 45 ڪلو وارو ڇيلو 80 کان 90 هزار، 28 کان 30 ڪلو وارو ڇيلو 50 کان 55 هزار روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڪراچي جي مال پڙي ۾ تيزي اچڻ سبب واپارين ڍور کڻي ڪراچي روانا ٿي ويا
ٽنڊو سائينداد مال پڙي مان واپاري جي کيسي مان 7 لک رپيا نڪري ويا
ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو سائينداد مال پڙي ٻاهران مال جي واپاري رجب علي ساهڙکي اڻڄاتل ماڻهو جوس ۾ نشي آور شئي ملائي بيهوش ڪري کيسي مان 7 لک روپيا ڪڍي فرار ٿي ويا، ٽنڊو محمد خان ضلعي انتظاميا مال پڙين ٻاهران رڳو هڪ هڪ پوليس موبائيل بيهاري خانه پوري ڪري رهي آهي، واپاري ۽ خريدار غيرمحفوظ بڻيل آهن.