اليڪشن ترميمي بل ڪجهه ڪلاڪن اندر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور: اپوزيشن جو هنگامو، چيلنج ڪرڻ جو اعلان

آگسٽ 6, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024ع ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي منظور، اپوزيشن پاران شديد مخالفت، گوڙ، بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اپوزيشن پاران بل سپريم ڪورٽ تي حملو قرار، چيلنج ڪرڻ جو اعلان، بئرسٽر گوهر چيو ته شهباز شريف حسينه واجد کان ڀڄڻ جو طريقو پڇي وٺي، خواجه آصف جواب ڏيندي چيو ته شڪر ڪريو ته اسان وٽ سسٽم هلي رهيو آهي. رپورٽ موجب ڪالهه اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي ميمبر بلال اظهر ڪياني اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پيش ڪيو، اپوزيشن ميمبرز پاران بل جي شديد مخالفت ڪئي وئي، ان باوجود قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جون ترميمون رد  ڪيون ويون، بِل جي منظوري دوران اپوزيشن ميمبرن ايوان ۾ گوڙ ڪيو، احتجاج ڪندي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جعلي حڪومت نامنظور، سپريم ڪورٽ تي حملو نامنظور، جمهوريت تي راتاهو نامنظور جا نعرا هنيا ويا، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ويو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي مٿان اڇلايون ويون، اپوزيشن ميمبر علي محمد خان پاران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ۾ ترميم پيش ڪئي، وزير قانون اعظم نذير تارڙ مخالفت ڪري ڇڏي، منظور ڪيل اليڪشن ترميمي بل ترميم موجب مقرر وقت تي پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع نه ڪرائيندڙ کي آزاد تصور ڪيو ويندو، مقرر وقت تائين لسٽ جمع نه ڪرائيندڙ پارٽي مخصوص سيٽن جي حقدار نه هوندي، آزاد اُميدوار هڪ دفعو ڪنهن پارٽي کي جوائن ڪيو ته واپسي نه ٿي سگهندي. قانون جي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته قانونسازي وسيلي اليڪشن ايڪٽ جي شقن کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي، اپوزيشن ميمبرز قسم ناما ڏئي چڪا آهن ته سندن واسطو پي ٽي آءِ نه، سني اتحاد ڪائونسل سان آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ هن غيرقانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل قانونسازي کي رد ڪري ڇڏيندي، پارليامينٽ سپريم ضرور آهي پر آئين جي تشريح جو اختيار سُپريم ڪورٽ وٽ آهي، سپريم ڪورٽ جيڪا آئين جي تشريح ڪئي، اُها حتمي آهي، پارليامينٽ جي قانونسازي سان تشريح ختم نٿي ڪري سگهجي، هي بل حڪومت لاءِ عبرت جو نشان ٿيندو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته شهباز شريف کي گهرجي ته حسينه واجد کي فون ڪري فرار ٿيڻ جو طريقو پُڇي، عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي، سياسي پارٽين کي اسپيس نه ڏيندا ته ڪو ٻيو اسپيس وٺندو ۽ انجام حسينا واجد جهڙو ٿيندو. علي محمد خان چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي، آهي ۽ رهندي، هن اليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ 39 ميمبرز لاءِ حلال ۽ 41 ميمبرز لاءِ حرام آهي؟ اسان هن ترميمي بل کي رد ڪريون ٿا، قانون سازي ڪريون ٿا پر اها ملڪ جي مفاد ۾ هجڻ گهرجي، بل خلاف عدالت ۾ وينداسين، حڪومت اپوزيشن جي شديد احتجاج باوجود اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي شق وار منظوري بعد ايوان اڪثريت راءِ سان اپوزيشن جي ترميم رد ڪري ڇڏي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف جو قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته شڪر ڪريو ته اسان وٽ سسٽم هلي رهيو آهي، سسٽم تي سواليه نشان لڳو ته اُهو ڪمزو ٿي ويندو، خواجه آصف چيو آهي ته پارليامينٽ سُپريم آهي، هي ادارو آئين ٺاهيندو ۽ لکندو آهي، ٻيا ادارا به معتبر آهن پر اُهي اسان جي ٺاهيل قانون جي تشريح ڪندا آهن، ٻيا ادارا به قانون ٺاهيندا ته جمهوريت ڪمزور ٿيندي، هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، جمهوريت ڪمزور هجي يا جهڙِي به هجي، پر آمريت کان سٺي آهي، اختلاف پنهنجي جاءِ تي صحيح هجن يا غلط، پر هڪٻئي جي موقف جي بُنياد تي اداري مٿان حملو نه ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ کانپوءِ سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو. علي ظفر  جي تقرير دوران حڪومتي ميمبر ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي. جنهن تي اجلاس ملتوي ڪيو ويو، تفصيل موجب  ن ليگي سينيٽر طلال چوڌري قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي بل بدنيتي تي ٻڌل آهي، سپريم ڪورٽ تي حملو آهي، پيپلزپارٽي وارا 71ع واري غلطي ڪري رهيا آهن، وڏا وڏا نالا وڃي سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ پني رهيا هئا ته مخصوص سيٽون اسان کي ڏيو. هي بل سپريم ڪورٽ تي سڌي ريت حملو آهي. اوهان اهڙي قانوني سازي ڪندا ته ملڪ جي تاريخ ۾ اوهان شرمسار ٿيندا. 2018 جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت کان محروم ڪيو ويو، اسان بل جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. اعظم نذير تارڙ چيو ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل وضاحت لاءِ آهي قانون سازي پارليمينٽ جو اختيار آهي. هي اختيار 17 ماڻهن کي نه ڏينداسين. آئين جي تشريح ٻيهر لکڻ ۾ وڏو فرق آهي. چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي طرفن جو نقطه نظر اچڻ گهرجي. سينيٽر طلال چوڌري جڏهن بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته مخالف ڌر پاران زوردار نعريبازي ڪئي وئي. چيئرمين سينيٽ بل تي ووٽنگ ڪرائي ۽ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. سينيٽر علي ظفر چيو ته هن بل تي ووٽنگ کان اڳ اسان کي ٻڌي وٺو ها، بل آئين سان ٽڪراءُ آهي. بل کي سپريم ڪورٽ ختم ڪري ڇڏيندي. سينيٽر فاروق ايچ نائيڪ چيو ته بل پاس ٿي چڪو آهي، بل جي منظوري بعد بحث نٿو ٿي سگهي، هاڻي اوهان بس قومي اسيملي کي اطلاع ڏئي ڇڏيو ته بل پاس ٿي چڪو آهي. مخالف ڌر ڪا به ترميم نه ڏني. شبلي فراز چيو ته هاڻي تقريرن جو ڪهڙو فائدو. علي ظفر تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته حڪومتي ميمبرن ايوان مان وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو. علي ظفر چيو ته ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان دوران سينيٽر ناصر بٽ ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي. ڪورم پورو نه هجڻ تي سينيٽ اجلاس جمعي ڏينهن ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

رڳو 25 هزار پاسپورٽ ڇاپڻ جي صلاحيت هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته پاڪستان ۾ پاسپورٽ جي جاري ٿيڻ ۾ دير بابت معاملو بحث هيٺ آيو. پيپلزپارٽي جي ميمبر  سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران پاسپورٽ جي جاري ٿيڻ ۾ غيرمعمولي دير تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، نوٽيس جو جواب ته گهرو وزير کي ڏيڻو هيو پر اُن جي غير موجودگيءَ سبب جواب وزير قانون ڏنو، هن قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پاسپورٽ جي ڇپائي جي مشينري 2004ع ۾ گهرج مطابق لڳائي وئي هئي. پر هن وقت روزانو 45 هزار پاسپورٽ پرنٽ ڪرڻ جي گهرج آهي، جڏهن ته پاسپورٽ پرنٽ ڪرڻ جي گنجائش 25 کان 26 هزار آهي. ان حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، سيپٽمبر تائين پاسپورٽ جي ڇپائي جي گنجائش 25 هزار کان وڌي 60 هزار ٿي ويندي. آغا رفيع الله چيو ته گهرو وزير نه ايوان ۾ ايندو آهي ۽ نه ئي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو آهي. پهريان پاسپورٽ ۾ دير جو سبب ڪاغذ ۽ پوءِ مس ٻڌائي وئي. پر ارجنٽ فيس ادا ڪرڻ کان پوءِ جلد پاسپورٽ ڪئين ملندا آهن؟ سحر ڪامران چيو ته 16 لک کان وڌيڪ پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. قانون واري وزير موجب سيپٽمبر ۾ ضروري مشينري نصب ٿيڻ شروع ٿي ويندي واضع فرق نظر ايندو.

بل عدالت مخالف ناهي، لوٽا ڪريسي خلاف آهي: پيپلزپارٽي

اسلام آباد: حڪومتي اتحادي پارٽي پيپلزپارٽي جي ميمبر شازيه مري قومي اسيمبلي ۾ چيو ته هي بل عدالت خلاف ناهي، بل ملڪ مان لوٽا ڪريسي کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي، هن بل ۾ پارٽي سان وفاداري کي يقيني بڻايو ويو آهي، ڪڏهن هي پارٽي ته ڪڏهن ٻي پارٽي، اپوزيشن جي پارٽي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

فاروق ستار بل تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي ناراض: واڪ آئوٽ

اسلام آباد:  حڪومت جي اتحادي پارٽي متحده جو ايم اين اي فاروق ستار اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمي بِل تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملڻ تي ناراض ٿي ويو، قومي اسيمبلي ۾ فاروق ستار چيو ته هُن بِل تي ڳالهائڻ چاهيو پئي، پر اسپيڪر بِل کي بلڊوز ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو، اسپڪر اياز صادق چيو ته توهان هاڻي ڳاهائي وٺو، فاروق ستار چيو ته بِل بلڊوز ٿيڻ کانپوءِ ڳالهائڻ جو ڪهڙو فائدو، فاروق ستار ڪاوڙجي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو.

محمود اچڪزئي پاران ڪشمير بابت ٺهراءَ جي مخالفت

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري کانپوءِ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير 5 آگسٽ تي ڪشميرين جي استحصال واري ڏهاڙي جي حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪيو، محمود خان اچڪزئي ان جي مخالفت ڪندي چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي ڪشمير ۾ گڙ ٻڙ ڪندا آهن ڪشميرين کان راءِ ورتي وڃي ته هو ڇا ٿا چاهين.

الله تعاليٰ جي 99 نالن هيٺان بيهي چوان ٿو بل آئين خلاف ناهي: تارڙ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ ميمبرز کي جواب ڏيندي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون سازي ڪرڻ هن ايوان جو حق آهي، الله تعالي جي 99 نالن جي هيٺان بيهي چئي رهيو آهيان ته هي بل آئين جي روح جي خلاف ناهي، انهن جي ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل جي حوالي سان حلف نامه ڏنا

Leave A Comment