اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل غيرآئيني قرار، سپريم ڪورٽ ميمبرن کي تحفظ ڏئي: پي ٽي آءِ

جُولاءِ 31, 2024

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان چيو آهي ته تحريڪ ڪل ووٽن جو 50سيڪڙو کنيو آهي، 41 ايم اين ايز حلفي بيان جمع ڪرايا ان باوجود انهن خلاف ايڪشن کنيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن باقي ميمبرن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ غيرآئيني طور بل پيش ڪيو پيو وڃي، اميد ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائيندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته اسان جي ميمبرن کي تحفظ فراهم ڪري، لطيف کوسه چيو ته پارٽي تبديلي لاءِ بدنيتي تي ٻڌل بل آندو پيو وڃي، ڪاميٽي مان بل ڪنهن صورت پاس ٿيڻ نه ڏينداسين.

Leave A Comment