اليڪشن ڪميشن محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

مارچ 9, 2024

اليڪشن ڪميشن صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، محمود خان اچڪزئي صدارتي چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي صدارتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، محمود خان اچڪزئي درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون ڪيتريون ئي مخصوص سيٽون اڃا خالي آهن، اليڪٽورل ڪاليج مڪمل ٿيڻ تائين صدارتي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن

Leave A Comment