اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي وقت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

مارچ 16, 2024

اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي وقت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار اڄ شام 6 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، پنجاب ۽ سنڌ جي 12-12، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي 11-11 سيٽن تي 2 اپريل تي چونڊون ٿينديون، اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن سيٽن تي به اليڪشن ٿيندي، سنڌ ۾ 7 جنرل، 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽس ۽ هڪ اقليتي سيٽ لاءِ چونڊ ٿيندي، سڀاڻي اميدوارن جي شروعاتي لسٽ جاري ڪئي ويندي، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 19 مارچ تائين ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 21 مارچ تائين داخل ڪرائي سگهبيون، ٽربيونل 25 مارچ تائين اپيلن تي فيصلا ٻڌائيندا، اميدوارن جي حتمي لسٽ 26 مارچ تي جاري ڪئي ويندي، سينيٽ جي چونڊن لاءِ اسيمبليز ۾ پولنگ 2 اپريل تي ٿيندي

Leave A Comment