اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
آگسٽ 7, 2024
اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، 12 جولاءِ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندي فيصلو واپس وٺڻ جي استدعا، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون مطابق پنهنجي ذميواري سرانجام ڏني، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 39 ميمبرز جي حد تائين فيصلي تي عملدرآمد ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن به قانوني ۽ عدالتي فيصلي جي غلط تشريح نه ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 218 ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي، آئين جي غلط تشريح تي معاملو آئيني اداري کي ريمائنڊ ڪرڻ گهرجي، عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرائڻ آئيني حق آهي، سپريم ڪورٽ 12 جولاءِ واري فيصلي ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽن جو حقدار قرار ڏنو هو