بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو: اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو اعتراف

جُولاءِ 1, 2024

2019 ۾ بِي اَي پِي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو: سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو اعتراف، جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته 2019 ۾ بلوچستان عوامي پارٽي کي اليڪشن وڙهڻ ۽ فهرست جمع ڪرائڻ کانسواءِ خيبر پختونخواهه ۾ هڪ مخصوص سيٽ ڪيئن ملي هئي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر مهمند چيو ته ان وقت جي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قانون موجب نه هو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته تحريڪ انصاف کي هڪ سال جو وقت ڏنو ويو پر انٽراپارٽي چونڊون نه ڪرايون ويون، اليڪشن ڪميشن فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل مڪمل ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ قانون موجب انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائي، پارٽيءَ جا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ وقت پي ٽي آءِ جو ڪو به تنظيمي ڍانچو موجود نه هو، ٽڪيٽ جاري ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ جي ڪا به قانوني تنظيم موجود نه هئي، پارٽي تنظيم انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ سبب وجود نه پئي رکيو، ڪيترن ئي اميدوارن پارٽيءَ سان وابستگي نه لکي، ان ڪري اميدوار آزاد سمجهيا ويندا، جي يو آءِ ۽ نوازليگ جي وڪيلن به سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽس ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

Leave A Comment