اليڪشن ٽربيونلز بابت لاهور ڪورٽ جو فيصلو ۽ 8 ججز جي مقرري ڪالعدم قرار
آڪٽوبر 1, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي 8 حاضر سروس ججز جي اليڪشن ٽربيونل طور مقرري به ڪالعدم قرار ڏني وئي، اليڪشن ڪميشن جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل منظور ڪئي وئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مختصر فيصلو پڙهي ٻڌايو، عدالت جو چوڻ آهي ته جڏهن اليڪشن ڪميشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ وچ ۾ معاملا طئي ٿي چڪا آهن ته پوءِ اهڙن فيصلن جي ضرورت نه ٿي رهي، اها مشاورت اڳ ٿي وڃي ها ته بهتر هو، عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آئيني ادارن ۾ ٻطرفي احترام جو رشتو هجڻ گهرجي، عوام ادارن ۾ ويٺل ماڻهن مان اها ئي توقع ڪري ٿو، عدالت فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي کي عدالتي مثال طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 24 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل عباسي لارجر بينچ ۾ شامل هئا.