اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب اڄوڪي صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي: عمر ايوب
مارچ 9, 2024
اليڪٽورل ڪاليج مڪمل نه هئڻ سبب اڄوڪي صدارتي اليڪشن غير قانوني آهي، مخصوص سيٽن جي ورڇ وارو معاملو عدالت ۾ چئلينج ٿيل آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز جي حلف برداري روڪي چڪي آهي: پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جون پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، عمر ايوب چيو ته سڀاڻي پي ٽي آءِ کي پنهنجيون مخصوص سيٽون مليون ته صدارتي چونڊون ٻيهر ڪرائڻيون پونديون، پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو ويو