بجلي 5.72 رپيا مهانگي، صنعتن لاءِ 10.69 رپيا سستي: پيٽرول 10.20رپيا سستو

جُون 15, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوام لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي، صنعتن لاءِ قيمتن ۾ لاٿ، پيٽرول ۽ ڊيزل به سستو ڪيو ويو. تفصيل موجب نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5 رپيا 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي بنيادي قيمت ۾ واڌ جي منظوري مالي سال 2024-25ع لاءِ ڏني وئي، نيپرا بجلي قيمت ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو، نيپرا چيو آهي ته بجلي جي قيمت ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بجلي جي بنيادي قيمت 29.78 رپين مان وڌي 35.5 رپيا في يونٽ ٿي ويندي، بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي، بجلي جي قيمت ۾ واڌ هڪ ڀيرو يا مرحليوار ٿيندي اهو فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف پاران برآمد وڌائڻ لاءِ صنعتن لاءِ بجلي 10.69 رپيا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي، صنعتي شعبي لاءِ بجلي جي قيمت 34.99 رپيا يونٽ مقرر ڪئي وئي، وزيراعظم آفيس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته صنعتون عالمي منڊي جو مقابلو ڪري سگهنديون، پيداواري لاڳت گهٽ ۽ برآمد ۾ اضافو ٿيندو، صنعتي ترقي جي رفتار تيز ٿيندي، صنعتن تان 200 ارب جو بار گهٽ ٿيندو، وزيراعظم آفيس جي پڌرائي موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا 20 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 33 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن ۾ ٻه وڏا اعلان ڪيا آهن، وزيراعظم بجلي سستي ڪرڻ بعد پيٽرول ۽ ڊيزل به سستو ڪري عوام کي عيدي ڏني آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته پهرين جون حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 74 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 86 پئسا لاٿ ڪئي هئي، هيل تائين پيٽرول تي مجموعي طور 35 رپين جو عوام کي رليف ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته پيٽرول جي قيمت لاٿ کانپوءِ 268.36 مان گهٽجي 258.16 رپيا لٽر ٿي ويندي. ڊيزل جي قيمت 2.33 رپيا لاٿ کانپوءِ 270.22 مان گهٽجي 267.89 رپيا ٿي ويندي. جڏهن ته پيٽروليم قيمتن ۾ تبديلي هر 15 ڏينهن بعد ڪئي ويندي جنهن موجب اڄ رات 12 وڳي نئين قيمتن جو اعلان  ٿيڻو هو پر هڪ ڏينهن اڳ ئي يعني ڪالهه ئي اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي، نيون قيمتون رات 12وڳي کان لاڳو ٿي چڪيون آهن.

Leave A Comment