بجلي 8 رپين تائين مهانگي: گهريلو صارفين لاءِ 1000 تائين فڪسڊ چارجز لڳائڻ جي به منظوري

جُولاءِ 12, 2024

اسلام آباد (م ڊ) عوام کي هڪ ڏينهن ۾ بجلي جا ٻه جهٽڪا، ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن کانپوءِ گهريلو صارفين لاءِ به بجلي مهانگي ڪئي وئي، وفاقي سرڪار ڪمرشل، زرعي ۽ وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي قيمت وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، ڪمرشل واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 8.4 رپيا واڌ جي منظوري ڏني وئي، جولاءِ کان ڪمرشل واهپيدارن جي في يونٽ جي قيمت 77 رپيا 15 پئسن تائين پهچي ويندي. ذريعن موجب، زرعي واهپيدارن جي بنيادي ٽيرف ۾ في يونٽ 6 رپيا 62 پئسا واڌ منظوري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ جولاءِ کان زرعي واهپيدارن جو في يونٽ ٽيرف 46 رپيا 83 پئسن تائين ٿي ويندو. جنرل سروسز لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 6 رپيا 98 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، جولاءِ کان جنرل سروسز لاءِ في يونٽ بجلي جي قيمت 61 رپيا ۽ 3 پئسا ٿي ويندي. ذريعن موجب وڏن واهپيدارن لاءِ بجلي جي في يونٽ ٽيرف ۾ 5 رپيا 51 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي جنهن کانپوءِ جولاءِ کان وڏن بجلي واهپيدارن جو في يونٽ ٽيرف 59 رپيا 96 پئسن تائين پهچي ويندو. ان کانسواءِ صنعتي واهپيدارن لاءِ بجلي جي بنيادي قيمت برقرار رکڻ جي منظوري ڏني وئي.نيپرا بجلي جي گهريلو صارفين تي هڪ هزار تائين فڪسڊ چارجز لڳائڻ جي به منظوري ڏني، پهرين جولاءِ کان اها منظوري لاڳو هوندي، گهريلو کانسواءِ ٻين صارفين لاءِ فڪسڊ چارجز ۾ 184سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. ماهوار 301 کان 400 يونٽ تائين گهريلو واهپيدارن تي 200 رپيا، 401 کان 500 يونٽ تي 400 رپيا، 501 کان 600يونٽ تائين 600 رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، اهڙي طرح 601 کان 700 ماهوار يونٽ استعمال تي 800 رپيا ۽ 700 يونٽ کان وڌيڪ استعمال تي هڪ هزار رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو هوندي، صنعتي صارفين لاءِ 184سيڪڙو واڌ کانپوءِ ماهوار فڪسڊ چارجز 440 مان وڌائي 1250 رپيا ٿي ويندي، زرعي ٽيوب ويل لاءِ سيڪڙو اضافي سان فڪسڊ چارجز 200 مان وڌائي 400 رپيا ڪئي وئي، ان کان اڳ نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 7 رپيا 12 پئسن تائين واڌ جي منظوري ڏني جنهن ۾ 200 يونٽ تائين واهپيدارن کي 3  مهينن لاءِ واڌ کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.

Leave A Comment