”بجلي سستي ڪرڻ لاءِ واهپو وڌائي پيڪ هاور ۽ سليب ختم ڪريو“: سنڌ ۽ وفاق ۾ اتفاق

آگسٽ 31, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري سان وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات ۾ تجويز ڏني آهي ته بجلي جي پيداوار گهرج کان وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ عوام ۽ ٽارگيٽ ڪيل گهٽ آمدني وارن صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بجلي جي وڌيڪ استعمال وارن ڪلاڪن ۽ مختلف سليبن  جا ٽيرف واپس وٺي سگهجن ٿا

ملاقات ۾ توانائي واري وزير سيد ناصر شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، توانائي واري صوبائي سيڪريٽري  مصدق خان، توانائي واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم شرڪت ڪئي. وڏي وزير ۽ توانائي واري وفاقي وزير وچ ۾ گهٽ آمدني وارن بجلي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو

وڏي وزير چيو ته ماهوار 300 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙ گهٽ آمدني وارن صارفين کي بجلي جي بلن ۾ رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. مراد شاهه چيو ته سنڌحڪومت انهي حوالي سان پنهنجون تجويزون بحث ۽ غور لاءِ پيش ڪيون آهن. هن چيو ته بجلي ٽيرف جي مختلف سليبن کي به ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمورن گهريلو صارفين کي فليٽ ريٽ فراهم ڪرڻ گهرجي، انهي سان بجلي جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو

هن چيو ته 300 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي رليف لاءِ ٽارگيٽ ڪري سگهجي ٿو. بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته وزيراعظم کيس اڳ ۾ ئي تفصيلي پلان تيار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي ته جيئن گهٽ آمدني وارن صارفين کي بلن ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي

هن چيو ته مون کي صدر آصف زرداري کان هدايتون مليون آهن ته انهي منصوبي تي توهان (وڏي وزير) سان ڳالهائي گهٽ آمدني وارن صارفين لاءِ ڪو رستو ڳوليو

ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته بجلي قيمتن ۾ گهٽتائي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن پيداواري لاڳت گهٽ ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت  ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان بجلي  پيداوار جي لاڳت گھٽائي سگهي ٿي

بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته مختلف سببن  ڪري بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي ٿي آهي، انهي ڪري وڏي وزير جي ڏنل تجويزن تي غور ڪري سگهجي ٿو، باقي بجلي جا مختلف سليب ختم ڪرڻ معاملو بحث جوڳو آهي

ملاقات ۾ وڏي وزير مراد شاهه تجويز ڏني ته فيڪٽريون رات جي ڊبل شفٽ شروع ڪن ته کين رعايتي اگهه تي بجلي فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي بجلي واري وزير چيو ته هو مختلف تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ وڏي وزير سان ڪراچي يا اسلام آباد ۾ الڳ اجلاس ڪندو

ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غربت جي خاتمي واري پروگرام تحت شاگردن ۽ پروفيشنلز لاءِ آءِ ٽي جا 9 سرٽيفڪيٽ پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اجلاس ۾ آءِ ٽي سيڪريٽري نور سمون بريفنگ ڏيندي چيو ته اين اي ڊي ورسٽي ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ضلعي، مهراڻ ورسٽي حيدرآباد،  ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن ۽ آءِ بي اي سکر وري لاڙڪاڻي ۽ سکر  ڊويزنن ۾ ڪورس ڪرائينديون. شروعاتي طور تي 10,000 نوجوانن کي جاوا، پيٿون، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريٽر، گرافڪ ڊزائنر، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپر، موبائل ايپليڪيشن ڊولپر ۽ ڊيٽا سائنس جا 2 مهينن وارا ڪورس آڇيا ويندا، ھن چيو ته هفتي ۾ پنج ڏينهن يعني سومر کان جمعي تائين ڪلاس ٿيندا

Leave A Comment