بجلي،گئس،اٽو، چانور،سيمينٽ،سگريٽ مهانگا:1500ارب اضافي ٽيڪس: آءِ ايم ايف جا شرط

جُون 3, 2024

اسلام آباد: بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف جا سخت شرط سامهون آيا آهن،  آءِ ايم ايف حڪومت کي پابند ڪيو آهي ته بجلي ۽ گيس مهانگي ڪري سبسڊي ختم ڪئي وڃي. بجيٽ ۾ عوام تي  وڌيڪ 1500 ارب جا ٽيڪس لڳايا وڃن، ايندڙ مالي سال ۾  ٽيڪس وصولين  جو هدف وڌائي  12 هزار 900 ارب رپيا ڪيو وڃي. آءِ ايم ايف پاران سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪري اٽي، کير ۽ چانورن تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو چيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال سگريٽ ۽ سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائي وڃي. آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کي پابند ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ٽريڪٽرن سميت سمورن شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي وڃي، آءِ ايم ايف زيرو ريٽيڊ سيلز ٽيڪس سيڪٽر تي 5 کان 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڪئي وڃي. فاٽا ۽ پاٽا ۾  ڇوٽ30 جون تي ختم ڪئي وڃي، فاٽا ۽ پاٽا ۾ کليل چانهه جي پتي تي سيلز ٽيڪس لڳايو وڃي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته ڪتابن تي به  ٽيڪس لڳايو وڃي  .بجيٽ 25 2024 ۾ ٽريڪ ۽ ٽريڪ اسڪوپ کي وڌائڻ جو امڪان آهي. ٽائلرز شعبي ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بجيٽ ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ڊجيٽل انواسز کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ رپئي ۽ ڊالر جو ملهه تعين ڪرڻ جي معاملي تي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملهه 16سيڪڙو لاٿ سان 328.4 رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، پاڪستان اختلاف ڪندي 3.5سيڪڙو لاٿ سان 295 رپيا ملهه مقرر ڪيو آهي، حڪومت ڊالر جي قيمت جو 290 رپين تائين ڪاٿو لڳايو آهي.

Leave A Comment