بجلي، گيس مهانگا،دڪاندارن تي فڪس ٽيڪس،بينظير پروگرام ۾ صوبا ڀائيوار:آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل

مارچ 20, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پاڪستان ۽آءِ ايم ايف جون ڳالهيون مثبت اڳڀرائي سان مڪمل، اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدي تحت پاڪستان کي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملندي،آءِ ايم ايف پاران اڄ پڌرائي جاري ڪئي ويندي، پاڪستان آءِ ايم ايف مشن کي معاشي ڪارڪردگي تي مطمئن ڪري ورتو، موجوده پروگرام مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستان آءِ ايم ايف کان 4 سالن جو نئون قرض پروگرام وٺڻ جو به خواهشمند آهي، جنهن ۾ قرض جي ماليت ساڍا 7 ارب ڊالرز کان 8 ارب ڊالرز جو امڪان آهي

تفصيل موجب آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ اقتصادي جائزي لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون، ناڻي وزارت جي ذريعن ٻڌايو آھي ته  ڪالھه ڳالهين جي آخري ڏينهن تي اهم اڳڀرائي ٿي ۽ پاڪستان معاشي حدفن جي حوالي سان آءِ ايم ايف ٽيم کي مطمئن ڪري ورتو آھي، جنهن بعد پاڪستان کي قرض جي آخري قسط 1.1 ارب ڊالر جاري ٿيڻ جا امڪان واضح ٿي ويا آھن. اسٽاف سطح تي معاهدي بعد قسط بابت مامرو آءِ ايم ايف بورڊ جي اپريل ۾ رٿيل اجلاس مان منظوري  وٺڻ لاءِ پيش ٿيندو، اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدو 12 اپريل تي ختم ٿي ويندو

ذريعن مطابق  آءِ ايم ايف کي پھرين جولاءِ 2024 کان بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلي تحت قيتمن ۾ ردوبدل جي خاطري ڪرائي وئي آهي، صوبن کي 600 ارب رپيا سرپلس ملڻ، ريزڪي دڪانن کان ٽيڪس وصولين لاءِ اسڪيم ايندڙ بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ريئل اسٽيٽ کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ايف بي آر پاران 30جون 2024ع تائين 9415 ارب ٽيڪس جمع ڪئي ويندي

ناڻي وزير محمد اورنگزيب سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات، ناڻي وزير آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، آمريڪي حمايت جو به ذڪر ڪيو، ذريعن موجب پاڪستان معاشي سڌارن بابت حدفن لاءِ آمريڪي سهڪار جو به جائزو ورتو ويو.آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ قرض لاءِ ٿيل ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ناڻي وزارت جي ذريعن ٻڌايو آھي ته آءِ ايم ايف سان قرض جي قسط جاري ڪرڻ جي حوالي سان اقتصادي جائزي سان گڏ نئين ڊگهي مدت جي  قرض حاصل ڪرڻ لاءِ به ڳالهيون ٿيون، ان لاءِ  ابتدائي مامرا به طئه ٿيا آھن، جنهن تحت جُون ۾ پيش ٿيندڙ نئين بجيٽ ۾ 9 لک دڪاندارن تي فڪس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي ويندي

پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي گادي واري شهر  اسلام آباد سميت سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سوڌو چئني صوبن جي گادي وارن شهرن جي دڪاندارن کي ان ٽيڪس اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي ملندڙ امدادي رقم جي حوالي سان  به نئون طريقيڪار جوڙيو ويندو

ذريعن مطابق بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٿيندڙ خرچن جي رقم ۾  وفاق سان گڏ صوبن کان به حصو ورتو ويندو ، موسمي تبديلي سبب ٿيندڙ انفرا اسٽيڪچر جي تباهي جي بحالي جي خرچن لاءِ به نئون طريقيڪار جوڙيو ويندو جنهن تحت بحالي جي خرچن ۾ وفاق سان گڏ صوبا به حصو ڏيندا، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي اوليتي بنيادن تي نجڪاري ڪرڻ سان گڏ بجلي ، گيس جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ويندي ، ڊالر جي قدر مارڪيٽ ويليو تحت مقرري جو نظام موثر بڻايو ويندو سبسڊي جي رقم ۾ گهٽتائي سان گڏ پيٽروليم شين جون قيمتون عالمي مارڪيٽ تحت طئه ٿينديون.

Leave A Comment