بجلي منصوبن لاءِ غيرضروري سامان خريدڻ جو انڪشاف، استعمال بدران گدامن ۾ خراب، اربن جو نقصان

سيپٽمبر 12, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ ۾ بجلي جي نون منصوبن لاءِ لائينون وڇائڻ ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ وفاقي ادارن پاران ھر سال اربين رپين جي خريداري ته ڪئي وڃي ٿي پر اھو سامان ميدان تي لڳائڻ بدران ويئر ھائوسن ۾ سالن جا سال رکي خراب ڪيو وڃي ٿو. نيشنل ٽرانسميشن ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) به منصوبن لاءِ غيرضروري طور ۽ اضافي سامان  گھرائي ڄامشورو ويئر هائوس ۾ رکي خراب ڪري ڇڏيو آهي جنھن سبب قومي ناڻو برباد ڪيو ويو. ”پنھنجي اخبار“ کي مليل آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي ڄامشورو ويئر ھائوس ۾ خريداري ۽ مواد جي انتظام جي جاچ پڙتال بابت اھو انڪشاف ٿيو آھي ته 7 لک ھڪ ھزار 87 ڊسڪ انسوليٽرز جن جي ماليت 4 ارب 44 ڪروڙ 60 لک رپين کا وڌيڪ آھي جيڪي ڄامشورو ويئرهاوس ۾ ڪافي عرصي کان پيل هئا ۽ اهي انسوليٽرز 1987ع کان 2022ع جي عرصي دوران نون منصوبن جي تعمير ۽ ٽرانسميشن لائينن جي آپريشنل سارسنڀال لاءِ خريد ڪيا ويا هئا. دستاويزن مطابق انسوليٽرز جي وڏي تعداد کي استعمال ڪرڻ کانسواءِ اسٽاڪ ڪرڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي غيرضروري طور ۽ ضرورت کان وڌيڪ خريد ڪيا ويا، جنهن سبب قومي خزاني مان نڪتل وڏي رقم اسٽاڪ يا بلاڪ ٿي وئي، جڏھن ته ڊسڪ انسوليٽرز جا وڏي تعداد ۾ باڪس به ويئر ھائوس ۾ صحيح نموني سان نه رکيا ويا آهن ۽ انھن منجھه ڪيترائي ٽٽل آهن، جيڪي ويئرهاوس جي کليل جڳهه تي پيل آهن. انهن مان ڪيترائي انسوليٽر ٽٽل آهن، جيڪي استعمال لائق نه رھيا آهن. دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خريد ڪيل مواد جي مدت پڻ ختم ٿي چڪي آهي، جيڪا نيشنل ڊسپيچ ڪمپني انتظاميا جي غفلت آهي. ٻئي طرف جديد ٽيڪنالاجي جا گلاس انسوليٽر پڻ کليل جڳهه تي رکيل آهن. ڄامشورو ويئر هاوس ۾ موجود مجموعي اسٽاڪ جي ماليت 11 ارب رپيا آهي، جنهن مان 4 ارب رپين کان وڌيڪ جي ماليت جا انسوليٽرز اسٽاڪ آھن. اهو عمل غير ضروري ۽ غير مؤثر خريداري سبب انسوليٽرز جي وڌيڪ اسٽاڪ ڪرڻ جو نتيجو آهي، جيڪو منصوبن تي ٻڌل مواد جي خريداري جي دعويٰ کي ثابت نٿو ڪري. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته غير ضروري خريداري جي نتيجي ۾ 4 ارب 44 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي وڏي رقم ڄامشورو ويئرهاوس ۾ ڊسڪ انسوليٽرز جي بيڪار خريداري سبب مالي سال 22-2023ع تائين رڪجي وئي. ان سلسلي ۾ آڊٽ سفارش ڪري ٿي ته انتظاميا کي هن معاملي جي جاچ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ذميواري طئي ڪري سگھجي ۽ ضايع ٿيل خريداري کانسواءِ انسوليٽرز کي وقت سر استعمال ڪرڻ ۽ ڊسپوز ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.

Leave A Comment