توانائي شعبي ۾ سڌارا: وزيراعظم بجلي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کان مدد گهري ورتي

آگسٽ 19, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هدايتون ڏنيون آهن ته صوبائي حڪومتون ڊسڪوز (بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين) کي بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس ۽ مختيارڪار فراهم ڪن. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي واري وزارت ۽ پاور ڊويزن جي معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ اويس لغاري سميت ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. شهباز شريف چيو ته بجلي چوري جي روڪٿام، لائن لاسز گهٽائڻ، پهچ جو نظام بهتر بڻائڻ ۽ توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن چيو ته بجلي پهچ جي 5 ڪمپنين ۾ نوان بورڊ چيئرمين، ميمبر شفاف طريقي سان مقرر ڪيا ويا، اميد آهي ته ان سان ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي، صوبائي حڪومتون ضرورت موجب بجلي چوري روڪڻ لاءِ پوليس ۽ مختيارڪار ڏين.

Leave A Comment