اسٽبلشمينٽ ڊيل جي ڳالهه ناهي ڪئي، ادارا آئين تحت نه پيا هلن، طاقتور جي حڪمراني آهي: عمران خان

اپريل 24, 2024

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته پنجاب جون چونڊون پهريان کان پلان ٿيل هيون ۽ ضمني چونڊن ۾ اڳ ئي ڊٻا ڀرجي ويا هئا. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي فري اينڊ فيئر اليڪشن تي بيٺل آهي پر هتي جهنگ جو قانون آهي، پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ پوليس مداخلت ڪئي. خيبرپختونخواهه ۾ به چونڊون ٿيون، پوليس ڪٿي به ڪابه ايف آءِ آر ناهي ڪٽرائي نه ئي ڪٿي ڌانڌلي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪابه جمهوريت نه آهي. هي 8 فيبروري کان ڊنل هئا، آڪٽوبر کان فيبروري تائين چونڊون صرف پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ ملتوي ڪيون ويون. سپريم ڪورٽ ۾ به اسان جي پٽيشن انهي لاءِ نه ٻڌي وئي ته اهي به پي ٽي آءِ جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو نالو نشان ختم ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو ويو. ملڪ ۾ اخلاقيات کي ختم ڪري اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو. عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ادارا آئيني طور تي نه پيا هلن صرف طاقتور جي حڪمراني آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني سرمائيڪاري ڪن ته آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني هتي پئسا ان لاءِ نٿا لڳائين ته ان جو ڪوبه تحفظ نه آهي. مستحڪم حڪومت لاءِ جمهوريت ضروري آهي جيڪا صرف شفاف چونڊن جي ذريعي ممڪن آهي. پي ٽي آءِ باني چيو ته ملڪ جو موجوده سيٽ اپ پاڪستان جي مستقبل کي نقصان پهچائي رهيو آهي. اسٽبلشمينٽ پاران نه ڪنهن ڊيل جي ڳالهه ڪئي آهي نه ئي ان حوالي سان مون کي ڪو پيغام آيو، سوال اهو آهي ته هو مون سان ڪهڙي ڳالهه تي ڊيل ڪندا؟ 8 فيبروري تي جڏهن عوام هڪ طرف بيٺو هو ته اهو وقت ڳالهيون ڪرڻ جو هو پر ڪو رابطو نه ڪيو ويو، ملڪ جو عوام هڪ طرف بيٺل هجي ته ڇا ان کان ڪير کٽي سگهي ٿو؟ عمران خان چيو ته عدليه تان ماڻهن جو ڀروسو ختم ٿيندو پيو وڃي. پنهنجي نمائندي جي چونڊ عوام جو بنيادي حق آهي جيڪو انهن کان ڦريو ويو آهي. منهنجي زال جو سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي پر انهي کي به سزا ڏياري ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي. منهنجي ٽنهي ڀينرن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. مريم نواز ۽ بينظير سياستدان آهن پر منهنجي گهر واري جو سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي.

Leave A Comment