اسٽبلشمينٽ جي مداخلت بنا نيون چونڊون ڪرايو، حڪومت ۾ مسئلا حل ڪرڻ جو دم ناهي: فضل الرحمان

جُولاءِ 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 8 فيبروري 2024 جي عام چونڊن کي رد ڪندي اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کان بغير ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ جي ٻن ڏينهن واري مجلس شوريٰ جو اجلاس ختم ٿيڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي امير جمعيت علماءِ اسلام مولانا فضل الرحمان چيو ته ان کان اڳ مرڪزي مجلس عامله 8 فيبروري جي عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪيو هيو، شوريٰ به عامله جي فيصلي جي منظوري ڏني آهي. شوريٰ اسٽبليشمينٽ جي چونڊن ۾ مداخلت کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نيون عام چونڊون اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کان بغير ڪرايون وڃن. جي يو آءِ شوريٰ سياسي جماعتن سان رابطن تي به غور ڪيو آهي. حڪومت سان ٿيل رابطن متعلق شوريٰ طئي ڪيو آهي ته حڪومت ۾ ايترو دم، همٿ ناهي جو اسان جي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي خدشن کي ختم ڪري سگهي. پي ٽي آءِ جي رابطن جو به جائزو ورتو ويو، شوريٰ جي راءِ ۾ تحريڪ انصاف جا خدشا سنجيدا آهن، پي ٽي آءِ کي ڳالهين ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پي ٽي آءِ تي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته مناسب ماحول جو قيام ضروري آهي. تحريڪ انصاف جي قائد طرفان ايندڙ وفد ڳالهيون ته ڪندا آهن پر هن وقت تائين ڪا ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ناهي جوڙي وئي. سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه جا بيان جي يو آءِ سان گڏ نه هلڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل مونجهارن کي ختم ڪن. اسان گڏيل حدف ۽ ڳالهين کان انڪار ناهيون ڪندا. فضل الرحمان چيو ته فوج سميت سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ وڃڻ گهرجي. سياست ۾ مداخلت آئيني خلاف ورزي آهي. عزم استحڪام آپريشن تي به انهن ادارن ۾ هڪجهڙائي موجود ناهي، اڄ تائين جيترا به آپريشنز ٿيا آهن پوءِ دهشتگردي ڇو وڌي وئي آهي.. وزير اعظم آپريشن جي وضاحت ڪري ٿو عوام ڪنهن تي اعتبار ڪري. مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳوڻي فاٽا کي ضم ڪندي هڪ سو ارب رپيا ڏيڻ جو چيو ويو پر عمل ڇا ٿيو؟. اسان کي ته رياستي ادارن خلاف محاذ نه کولڻ جو چيو ويندو آهي پر ادارا عوام جو ڪڏهن احساس ڪندا. هن چيو ته چين سان تعلقات بهتر چاهيون ٿا. هن وقت تائين چين جو اعتماد سيڙپڪاري جي لاءِ بحال ناهي ٿي سگهيو، آمريڪا ايوان نمائندگان 8 فيبروري جي اليڪشن کي شڪي قرار ڏنو آهي جي يو آءِ جي راءِ آهي ته آمريڪا پاڪستان جي معاملن کان پري رهي. اهو به ٻڌايو وڃي ته ڇا هي پاڪستان جي سفارتي ناڪامي ناهي؟. رياست کي به پنهنجي روين تي غور ڪرڻو پوندو. شوريٰ ڪنهن به باضابطه اتحاد ۾ وڃڻ جو انتظار ڪرڻ کان بغير پنهنجي پليٽ فارم تي جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪڏهن سياسي جماعتن سان گڏ گڏيل تعاون جو ماحول پيدا ٿيو ته اِن کي قابل عمل بڻايو ويندو. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اڄ چيو پيو وڃي ته افغانستان ۾ ڪاروائي ڪنداسين، پاڪستان جي اندر دهشتگردي روڪڻ ۾ ناڪامي تي پردو وجهڻ لاءِ افغانستان تي حملو ڪرڻ چاهيو ٿا، ڇا اِها حقيقت ناهي ته ترقياتي فنڊز جو 10 سيڪڙو ڪي پي ۾ دهشتگردن کي ناهي ڏنو ويندو. ڇا اوهان دهشتگردن آڏو بيوس آهيو؟ ڪافي اهڙا سوال آهن جيڪي اُٿاري رياست جي لاءِ مشڪلاتون پيدا نٿو ڪرڻ چاهيان. آمريڪين کي اڏا ڏئي 20 سال سال اوهان بمباري نه ڪرائيندا رهيا؟. پنج آگسٽ کي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهايو ويندو. فلسطينن سان گڏ بيٺل آهيون، آمريڪا جي نظر ۾ ته امارات اسلاميه ۽ حماس ٻه دهشتگرد آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي هڪ ٿي ڳالهيون ڪندي ۽ اسان جا خدشا دور ڪندي ته اسان سنجيدا ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

Leave A Comment