هر شهري 2 لک 80 هزار جو قرضي: مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ، ملڪ ڏيوالي کان بچايو، آءِ ايم ايف کانسواءِ پلان بي ناهي: حڪومت

جُون 12, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مالي سال 2023 ۽ 24ع جو اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي. حڪومت معاشي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، هر شهري 2 لک 80 هزار جو قرضي ظاهر، حڪومت پاران مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ، ناڻي وزير اقتصادي سروي پيش ڪندي چيو ته ملڪ ڏيوالي کان بچايوسين، آءِ ايم ايف کانسواءِ پلان بي ناهي، ڪير مقدس ڳئون ناهي، ٽيڪس اوڳاڙي ڪري ڏيکارينداسين، ملڪ خيرات نه پر ٽيڪس سان هلندا آهن،  اقتصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح 48 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، شرح جلد سنگل ڊجٽ تي اچي ويندي، پاليسي ريٽ به گهٽجڻ گهرجي، مهانگائي ۾ گهٽتائي جي ڪري اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح کي گهٽايو آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو پلان ئي نه هو، آءِ ايم ايف وٽ نه وڃون ها ته هدف جي خبر نه پئجي سگهي ها، بطور ملڪ تمام گهڻي مختلف صورتحال هجي ها اسٽينڊ باءِ معاهدو ڪيو هو، ڇو ته اسان وٽ ڪوئي پلان بي نه هو ۽ اڄ ان معاهدي سبب اسان هن پوزيشن ۾ آهيون ته ايندڙ بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون، جي ڊي پي ۾ 2سيڪڙو لاٿ آئي هئي، هلندڙ سال جي بجيٽ جي منظوري  بعد شروع ۾ ئي پاڪستاني رپئي ۾ 29سيڪڙو لاٿ آئي هئي، ناڻي ذخيره ايترا رهجي ويا هئا جو اسان صرف ٻن هفتن جي درآمد ڪري سگهون ها، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم بري طرح ناڪام ٿيو جنهن ڪري اوڳاڙي تي سوال اٿيا، انويسٽيمينٽ ٽو جي ڊي پي 50سال جي گهٽ ترين سطح تي پهچڻ جي ڳالهه درست آهي، اسان جا هٿ ٻڌل آهن، گهٽ اهميت وارا منصوبن کي شامل ناهيون ڪري سگهيا، پي ايس ڊي پي ۾ اهم نوعيت جي منصوبن کي فنڊز ڏينداسين،  هلندڙ مالي سال جي ڊي پي گروٿ ۾ وڏن صنعتن جي گروٿ سٺي نه رهي، زراعت سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي، لائيو اسٽاڪ به بهتر آهي. وياج جي بلند شرح ۽ مهانگي توانائي سبب لارج اسڪيل مينو فيڪچرنگ متاثر ٿي، هلندڙ مالي سال روينيو ڪليڪشن ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 50 ڪروڙ ڊالر تائين محدود رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ناڻي وزير چيو ته اسان گذريل سال ڏيوالو ڪرڻ جي ويجهو هئاسين، ناڻي ذخيره ايترا رهجي ويا هئا جو اسان صرف ٻن هفتن جي درآمد ڪري سگهون ها، هاڻ اسان وٽ 2 مهينن جي درآمد جا پئسا موجود آهن جنهن جي ماليت 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿئي ٿي، آءِ ايم ايف 9مهينن جي اسٽينڊ باءِ پروگرام ۾ مالياتي نظم نسق کي تسليم ڪيو آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي وڌائڻو پوندو، ڪوئي سرڪاري ادارو اسٽريٽجڪ ناهي هوندو، سرڪاري نگراني ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري ڪندا سين  پاليسي تي عمل يقيني بڻائڻ جي اصول تي اڳتي وڌنداسين، ٽيڪس ڪليڪشن کي ڊجيٽلائيزيشن طرف وٺي وڃون پيا، انساني مداخلت ختم ڪنداسين، ٽيڪس وصولي ڪري ڏيکارڻي آهي، ڪير به مقدس ڳئون ناهي، امپورٽڊ مهانگائي جو وڏو اثر آهي، ايندڙ سال به قرض رول اوور ڪرائينداسين، اين اي سي گذريل ڏينهن ڪجهه فيصلا واپس ورتا آهن، نگران حڪومت جا ڪجهه فيصلا واپس ورتا آهن. اقتصادي سروي موجب هر شهري 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي آهي، اقتصادي سروي موجب مجموعي قرض 67 هزار 525 ارب ٿي ويو آهي، ملڪ تي مقامي قرض 43 هزار 432 ارب، پرڏيهي قرض 24093 ارب رڪارڊ ڪيو ويو، مجموعي قرض جي ڊي پي جو 74.8سيڪڙو آهي. اقتصادي سروي موجب 3هزار 879 ارب ٽيڪس ڇوٽ ڏني پئي وڃي، زرعي شعبي ۾ بهتري رهي.

Leave A Comment