هر پاڪستاني لاءِ مڪمل مذهبي آزادي آهي: صدر زرداري
آگسٽ 12, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور مڃي ٿو. پاڪستان جي سماجي، اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي اعتراف ۾ اهو ڏينهن ملهائيندا آهيون. آصف علي زرداري چيو ته اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ لاءِ قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي واعدي تي قائم رهنداسين. اقليتن کي پاڪستان جي آئين ۾ ضمانت ڪيل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. هن چيو ته اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ انهن لاءِ سيٽون مقرر آهن، اقليتي شاگردن کي وظيفا، عبادتگاهن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي فنڊنگ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق کان سواءِ زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي پاڪستان اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي اڳيان وڌڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڏيندو.