پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جي کوٽائي لاءِ 178 لائسنس جاري: شعبي ۾ سڌارن جي هدايت
آگسٽ 17, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ جيم اسٽونز جي صنعت جي ترقي ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ شعبي ۾ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي
وزير اعظم چيو ته هو ذاتي طور تي قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ شعبي جي سڌارن لاءِ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي صدارت ڪندو، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان کي شعبي ۾ سڌارن تي عملدرآمد جي ذميواري سونپي آهي. وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ عالمي معيارن موجب قيمتي پٿرن جي مائننگ، ڪٽڻ ۽ ان جي قيمت وڌائڻ لاءِ پائلٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت گلگت بلتستان حڪومت کي مڪمل مالي مدد فراهم ڪندي
وزير اعظم وڌيڪ چيو ته اها ملڪ جي بدقسمتي آهي جو 77 سالن ۾ ان شعبي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، قيمتي پٿرن جي روايتي طريقي سان ڪٽائي سان قيمتي اثاثو ضايع ٿي رهيو آهي. هڪ مهيني اندر عالمي معيارن موجب جديد پلان آف ايڪشن ٺاهي ان تي عمل لاءِ قدم کنيا وڃن
وزير اعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته هن وقت پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جي کوٽائي لاءِ 178 وڏا لائسنس ڏنا ويا آهن، جڏهن ته 18 قسم جا قيمتي پٿر مليا آهن، پاڪستان جي قيمتي پٿر جي برآمدات جو 80 سيڪڙو خام مال تي ٻڌل آهي
قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن
اجلاس ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، خالد مقبول صديقي، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، رانا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز ئ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي