عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي: چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ميٽنگ کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ اظهار

مارچ 29, 2024

عدالتي معاملن ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي: چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ميٽنگ کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ اظهار، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات دوران ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ رٽائرڊ جج جي اڳواڻيءَ ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي، وزيراعظم ڪابينا جي اجلاس ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري وٺندو، پڌرائي موجب چيف جسٽس واضح ڪيو ته عدالتي معاملن ۽ ڪارروائي ۾ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، عدليه جي آزاديءَ تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ملاقات دوران سپريم ڪورٽ جو سينيئر جج منصور علي شاهه به موجود هو، پڌرائي موجب وزيراعظم چيف جسٽس ۽ سينيئر جج جي راءِ جي حمايت ڪئي، وزيراعظم خاطري ڪرائي ته عدليه جي آزادي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدالتي معاملن ۾ انٽيليجنس ادارن جي مداخلت جا الزام هنيا هئا

Leave A Comment