مهانگي چونڊ: اليڪشن ڪميشن جو 48 ارب، اميدوارن جو 1 کرب3 ارب خرچ: في ووٽ اڍائي هزار ۾ پئجي ويو
فيبروري 20, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) عام اليڪشن 2024 پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان مھانگي اليڪشن ثابت ٿي آھي. ھر پول ڪيل ووٽ تي 2 ھزار 522 روپيا خرچ آيو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن تي ھڪ کرب 52 ارب 65 ڪروڙ، 91 لک 50 ھزار رپيا خرچ ٿيو. اميدوارن چونڊ مھم ۾ ھڪ کرب 3 ارب 95 ڪروڙ 20 لک خرچ ڪيا. اليڪشن ڪميشن عام اليڪشن 2024 ۾ 48 ارب رپيا خرچ ڪيا. چونڊن ۾ 6 ڪروڙ 5 لک 8 ھزار 212 ووٽ ڏنا ويا. ذريعن مطابق قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 5 ھزار 254 اميدوارن کي ھڪ ڪروڙ في اميدوار چونڊ خرچ ڪرڻ جي اجازت ھئي. قومي اسيمبليءَ جي اميدوارن 52 ارب 54 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا. صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ اميدوارن جو تعداد 12 ھزار 853 هو جنھن مان 40 لک رپيا في اميدوار کي خرچ ڪرڻ جي اجازت ھئي. ذريعن موجب صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوارن چونڊ مھم تي 51 ارب 41 ڪروڙ 20 لک رپيا خرچ ڪيا. اليڪشن ڪميشن اي ايم ايس جي تياري، عملي جي تربيت، چونڊن دوران سيڪيورٽي اھلڪارن، پولنگن تي ڪئمرا لڳائڻ، ٽرانسپورٽ، اسٽيشنري، کاڌي پيتي، چونڊن بابت آگاهي مهم تي اليڪشن ڪميشن خرچ ڪيا، اميدوارن نامزدگي ڪاغذن، چونڊ مهم، ووٽرن، پولنگ ايجنٽس لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ کاڌي تي خرچ ڪيا، جڏهن ته پوري ملڪ اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوارن مجموعي طور تي 65 ڪروڙ 57 لک 40 ھزار رپيا رقم جمع ڪرائي. قومي اسيمبليءَ جي جنرل ۽ مخصوص سيٽن جي لاءِ 8 ھزار 322 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. قومي اسيمبليءَ جي اميدوارن قومي خزاني ۾ 24 ڪروڙ 96 لک 60 ھزار رپيا جمع ڪرايا. صوبائي اسيمبليءَ جي جنرل ۽ مخصوص سيٽن جي لاءِ 20 ھزار 304 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. صوبائي اسيمبليءَ جي اميدوارن 40 ڪروڙ 60 لک 80 ھزار رپيا رقم جمع ڪرائي. 459 عورت قومي اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽن جي لاءِ ھڪ ڪروڙ 37 لک 70 ھزار رپيا جمع ڪرايا. قومي اسيمبليءَ ۾ اقليتي سيٽن جي لاءِ 150 نامزدگين سان گڏ 45 لک رپيا جمع ڪرايا ويا. قومي اسيمبليءَ جي سيٽن جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي فيس 30 ھزار آھي. صوبائي اسيمبلين ۽ عورتن لاءِ مخصوص سيٽن لاءِ ھڪ ھزار 365 نامزدگي ڪاغذن سان گڏ 2 ڪروڙ 73 لک رپيا جمع ڪرايا ويا. چئني صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتي سيٽن تي 393 نامزدگي ڪاغذن سان گڏ 78 لک 60 ھزار رپيا جمع ڪرايا ويا. صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن لاءِ چونڊن ۾ فيس 20 ھزار رپيا آھي. چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جمع ڪرايل رقم ناقابل واپسي آھي.