چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ ۽ مخصوص سيٽن جو فيصلو نه مڃڻ تي احتجاج ڪنداسين: عمران جي ڌمڪي

آگسٽ 13, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پارٽي کي روڊن تي تحريڪ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ باني تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت مخصوص سيٽن جو فيصلو نه مڃيندي چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي ڪوشش ڪئي ته احتجاج ڪنداسين

اسان جون حالتون بنگلاديش کان به بدتر آهن، حسينه واجد آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ پوليس سربراهه پنهنجا مقرر ڪيا هئا، حسينه واجد جماعت اسلامي سميت سمورن مخالفن کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو هو، اهي سڀ ڳالهيون پاڪستان ۾ به ٿينديون رهيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن. اليڪشن کان اڳ 9 مئي جي نالي اسان جي پارٽي خلاف ڪري ڪڊائون ڪيو ويو، اسان جي اڌ ليڊرشپ کي پڪڙي جيل ۾ وڌو ويو، اڌ قيادت روپوش ٿي وئي، باقي ماڻهن کي ويگو ڊالا ذريعي پارٽي ڇڏائي وئي

عمران چيو ته اسان کي مخصوص سيٽون نه ڏئي رهيا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر آئين جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، مون ڪڏهن به پارٽيءَ کي سٽريٽ موومينٽ جو ناهي چيو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃيو ويو ته روڊن تي تحريڪ هلائيندس

9 مئي تي هنن پاڻ باهه ڏني ڳجهي اداري فوٽيج لڪائي رکيا آهن، مان سوچي رهيو هوس ته ملڪ جي معيشت خراب آهي ان تي احتجاج نه ڪيو وڃي. موجوده حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري آئين ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي ته جئين قاضي فائز عيسي کي چيف جسٽس مقرر ڪري سگهجي. قوم انتظار ڪري رهي آهي، لائو تيار آهي، رڳو هڪ هڪ تيلي جي ضرورت آهي ۽ سڀ تباهه ٿي ويندو، اهي جيڪو به ڪن، پاڪستاني فوج عوام تي گوليون نه هلائيندي

مان سڏ ڏيڻ وارو آهيان، ماڻهو تيار آهن. مان هنن کي وارننگ ڏيان ٿو ته خوف جو بت ٽٽي چڪو آهي، هاڻي ماڻهو جيلن ۾ وڃڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهن. صحافي سوال ڪيو ته شيخ حسينه واجد به اوهان وانگر الزام هنيو آهي ته حڪومت ختم ڪئي، ان جي جواب ۾ عمران چيو ته اسان وٽ سائفر جي شڪل ۾ آمريڪا خلاف ايف آءِ آر موجود آهي

عمران چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي روڪڻ لاءِ هنن اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي ۽ هاڻي هو آئين ۾ به ترميم ڪري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. انهن کي جڏهن معلوم هوندو آهي ته عمران خان سان اسٽيبلشمينٽ جو رابطو آهي ته انهن جون ڄنگهون ڏڪنديون آهن، جيتوڻيڪ منهنجو ڪنهن سان به ڪو رابطو ناهي. ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي رهي. جيڪڏهن اسان سياستدانن سان ڳالهيون ڪنداسين ته ان جو مطلب اسان موجودا حڪومت کي تسليم ڪري ورتو

محمود خان اچڪزئي کي سياستدانن سان ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي، پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نه ڪندي. باني تحريڪ انصاف چيو ته جيڪڏهن سان جا مطلبا رد ڪرڻا آهن ته ڪريو مان ملڪ لاءِ ڳالهائڻ چاهيان ٿو، پي ٽي آءِ جي مقبوليت وڌي رهي آهي، توهان کي ناهي ڳالهائڻو ته نه ڳالهايو، مون کي ڪا جلدي ناهي.

Leave A Comment