سنڌ ۾ شديد گرمي، بدترين لوڊشيڊنگ: برف غائب: هڪ ڄڻو فوت، 6 بيهوش: مختلف شهرن ۾ مظاهرا: ٺل ۾ شٽربند هڙتال
مَي 28, 2024
ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪاڙهَي گرمي دوران بدترين لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، گرمي لڳڻ ڪري پوليس اهلڪار فوت، 6 ڄڻا بيهوش، لوڊشيڊنگ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ٺل ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو
تفصيل موجب ڪالهه به گرمي جي شدت برقرار رهي، موهن جو دڙو 53 ڊگري سان ملڪ جو گرم ترين شهر قرار ڏنو ويو، موسميات کاتي موجب دادو، شهيد بينظير آباد ۾ 51، نواب شاهه، خيرپور ۽ سکر ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سڪرنڊ، پڊعيدن ۾ 49، مٺي ۾ 46 ۽ حيدرآباد ۾ پارو 47 ڊگري تي چڙهي ويو، ڪراچي ۾ 35 ڊگري جي گرمي 40 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي
اسلام آباد 41، لاهور 45، پشاور 42، ڪوئيٽا 34، اسڪردو ۽ مري 29، فيصل آباد 46، ملتان 47 سينٽي گريڊ گرمي پد رهيو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جا اڪثر علائقا اڄ به شديد گرميءَ جي لپيٽ ۾ رهندا.موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ 29 کان 31 مئي تائين گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پارو 40 کان 42 ڊگري تائين پهچڻ جا امڪان آهن، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جون گرمي ۾ به زيادتيون بند نه ٿيون
ڪراچي ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري رهي، لاڙڪاڻو ۾ 14 کان 18 ۽ ميرپور خاص ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند رهي، عمرڪوٽ ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جاري رهي. جڏهن ته وزير اعظم شهباز شريف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. وزير اعظم لوڊشيڊنگ تي اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ سمورن کاتن جي وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. هوڏانهن گرمي لڳڻ سبب وڳڻ ۾ هڪ بٺي مزدور ۽ مسافرن سوڌو 6 ڄڻا بيهوش ٿي ويا
حيدرآباد ۾ اي ايس آءِ اختر حسين ميئو فوت ٿي ويو، ذريعن موجب گرمي لڳڻ سبب هو فوت ٿيو، پوليس موت جو ڪارڻ دل جو دورو ڄاڻايو. جڏهن ته ٺل ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، جي يو آءِ جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال رهي، شهرين ڌرڻو به هنيو، اڳواڻن چيو ته 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي جنهن ڪري ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي ۽ گرمي دوران بجلي بند هجڻ ڪري وڌيڪ پريشان ٿي رهي آهي. ٻئي طرف جوهي، فيض گنج، جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ برف جو بحران به رهيو