فيض حميد جي سياسي معاملن ۾ مداخلت گهڻي هئي، اڪيلو نه ٻيا به ملوث هوندا: حڪومت

آگسٽ 13, 2024

اسلام آباد: سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ نواز ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي سياسي معاملن ۾ تمام گهڻي مداخلت هئي، هن سان گڏ ٻيا ماڻهو به هوندو هي اڪيلو ته نٿو ٿي سگهي، انڪوائري ۾ سڀ سامهون اچي ويندي

نجي ٽي وي چينل جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اها سڀني کي خبر هئي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي انڪوائري هلي رهي آهي، مختلف شين ۾ هن جو نالو هلي رهيو هو، اهو به اثرانداز ٿيندو، اها اميد گهٽ هئي ته ان سطح تي ڪو ايڪشن ٿيندو، فوج ۾ اداري طور احتساب وارو نظام موجود آهي ان سان اعتماد وڌندو

ن ليگ ۽ ٻين پارٽين سان رابطن واري سوال تي رانا ثناءُالله چيو ته اسان سان رابطا اهڙا هئا جو اسان خلاف پي ٽي آءِ دور ۾ ڪيس داخل ٿيا هئا ان جا پيرا به جنرل فيض ڏانهن وڃن ٿا، پي ٽي آءِ دور ۾ بجيٽ پاس ڪرڻ، ماڻهو گڏ ڪرڻ اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ٿيون هيون، عمران جيڪو 26نومبر تي لانگ مارچ ڪيو هو ان ۾ به اهي ڳالهيون سامهون آيون فيض حميد جو هٿ آهي

9مئي يا ان بعد جيڪو پي ٽي آءِ جو سلسلو شروع ٿيو ان بابت اهي ڳالهيون آهن ته فيض حميد حڪمت عملي ۾ ملوث هو، هن چيو ته فيض حميد کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، اها وڏي ڳالهه آهي فيلڊ ڪورٽ مارشل ٿيندو

هن چيو ته ٻيا ماڻهو به ضرور ملوث هوندا اهي به ڏسڻا پوندا، هي اڪيلو ته ان عمل ۾ شامل نه هوندو، جنرل فيض حميد جي سياست ۾ تمام گهڻي مداخلت هئي،سياسي معاملن ۾ گهڻي مداخلت ڪندو هو، فيض آباد ڌرڻو جو معاهدو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي

Leave A Comment