فيض حميد: متحرڪ جنرل، ڪيريئر تڪرارن سان ڀريل: سياسي مداخلت کان ترقياتي ڪمن جي تختي تي نالو
آگسٽ 13, 2024
راولپنڊي: پاڪستان جي فوج جي تاريخ ۾ گذريل 75ورهين دوران رڳو 11 ليفٽيننٽ جنرل ئي هڪ کان وڌيڪ ڪورز جي ڪمان سنڀالي، بلوچ ريجمينٽ سان تعلق رکندڙ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به انهن منجهان هڪ آهي
چڪوال سان تعلق رکندڙ فيض حميد بطور برگيڊيئر راولپنڊي ۾ 10 ڪور جي چيف اسٽاف جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو آهي، بطور ميجر جنرل پنوعاقل ڊويزن جي جنرل ڪمانڊنگ آفيسر طور ڪم ڪيو، تقريبن اڍائي سال آءِ ايس آءِ جي ڪائونٽر انٽيليجنس ونگ جو سربراهه رهيو ان عهدي کي ڊي جي سي طور سڏيو ويندو آهي
ليفٽيننٽ جنرل ٿيڻ جي ٻن مهينن بعد بطور ايڊجوٽنٽ جنرل ڪم ڪيو، 2019ع ۾ کيس آءِ ايس آءِ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، ٻن ورهين کان وڌيڪ وقت ان عهدي تي رهيو، 2021ع ۾ 8 مهينن لاءِ ڪور ڪمانڊر پشاور طور ڪم ڪيو ۽ ڪجهه هفتن بعد ڪور ڪمانڊر بهاولپور به ٿيو، نومبر 2022ع ۾ موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير جي عهدو سنڀالڻ بعد ٻئي ڏينهن ئي فيض حميد فوج مان استعيفا ڏني هئي
بطور برگيڊيئر فيض حميد 2015ع ۾ ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ليفٽيننٽ جنرل قمر جاويد باجوه جي ماتحت ڪيو، فيض حميد راولپنڊي ڪور جو چيف آف اسٽاف هو ۽ اتان جنرل باجوه ۽ فيض حميد ۾ ذاتي تعلق ٺهيو، جنرل باجوه 2016ع ۾ آرمي چيف ٿيو ميجر جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ ۾ پنوعاقل کان ڊي جي ڪائونٽر انٽيليجنس مقرر ڪيو
7 نومبر 2017ع ۾ تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت پاڪستان ۾ جيڪو معاهدو ٿيو ان تي فيض حميد جي صحيح هئي. ان ڌرڻي جي باري ۾ سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ وزارت دفاع معرفت آرمي چيف سميت فوجي سربراهن کي حڪم ڏنو هو ته پنهنجي ماتحت اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪريو جن پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪندي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي
اهو فيصلو موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو هو، نواز ليگ پاران عمران دور ۾ فيض حميد تي سياسي انتقامي ڪارروايون، گرفتاريون ۽ وفاداريون تبديل ڪرائڻ جا الزام هنيا ويا هئا، جنرل فيض حميد افغانستان مان آمريڪي فوجن جي نيڪالي، افغان طالبان سان ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو
عمران خان جڏهن وزيراعظم هو ته هن آءِ ايس آءِ سربراهه طور جنرل فيض حميد کي ان عهدي تي وڌيڪ جاري رکڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، پر ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي نئون آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ويو
وزيراعظم هائوس پاران مقرري جي سمري جي منظوري ۾ دير تي فوج ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ تڪرار سامهون آيو. جڏهن ته ماضي ۾ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي پهچندڙ ڪيترائي جنرل پنهنجي اباڻن علائقن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن
ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي باري ۾ به اها راءِ آهي ته پنهنجي اباڻي ضلعي چڪوال جي ترقي ۾ دلچسپي وٺندو هو، چڪوال ۾ هڪ روڊ جي بحالي واري سرڪاري منصوبي جي افتتاحي تختي تي زير سرپرستي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به لکيو ويو.