جعلي ڊوميسائل اسڪينڊل: سپريم ڪورٽ پاران ڪيس ٻڌڻ جو فيصلو: سنڌ سرڪار کان جواب طلب

جُولاءِ 30, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪندي پٽيشن 3 رڪني بينچ آڏو فڪس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. حڪمنامي موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب سنڌ حڪومت جاچ لاءِ اسڪرونٽي ڪاميٽي جوڙي  هئي، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جاري ڪرڻ خلاف اپيليٽ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي هئي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران قائم ڪيل ڪاميٽي کي قاعدن ۽ ضابطن موجب 30 ڏينهن ۾ ڪم مڪمل ڪرڻو هو پر انهي عرصي دوران ڪا به انڪوائري نه ڪئي وئي، ٻن سال ۽ ڏهن مهينن کانپوءِ ڪاميٽي رڳو چئن ضلعن جي رپورٽ پيش ڪئي، درخواستگذار موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاميٽي جي رپورٽ کي نظرانداز ڪيو، سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ سنڌ حڪومت ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي جواب طلبي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،

Leave A Comment