سنڌ ۾ جعلي نمبر پليٽس، ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف سخت ڪاررواين جو فيصلو

نومبر 2, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران جعلي نمبر پليٽس، گاڏين تي لڳل ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف سخت ڪاروايون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گھرو کاتي جي سيڪريٽري، آئي جي سنڌ سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين پاران شرڪت ڪئي وئي. اجلاس ۾ جعلي نمبر پليٽس، گاڏين ۾ غير مجاز ڪارن شيشن، هٿيارن جي نمائش جهڙن اهم مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ انهن غير قانوني سرگرمين کي روڪڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جعلي نمبر پليٽس، گاڏين ۾ غير مجاز ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس دوران چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه گهرو کاتي کي ان جي بابت عوامي آگاهي وڌائڻ ۽ امن امان جي ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ميڊيا ۾ جعلي نمبر پليٽس، گاڏين ۾ غير مجاز ڪارن شيشن ۽ هٿيارن جي نمائش جي بابت هڪ مهم هلائي وڃي جنهن ۾ عوام کي واضح هدايتون ڏنيون وڃن. ان کان علاوه چيف سيڪريٽري محلي سطح تي موثر نگراني جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ڪميونٽيز سرويلنس کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. انهن قدمن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ هڪ ڪميونٽي واچ گروپ ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جا نمائندا شامل هوندا ته جيئن شڪي سرگرمين جي نشاندهي ڪري سگهجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي

Leave A Comment