فرحت جوڻيجو کاتي اندر ڪرپشن جو منظم سسٽم هلڻ جا الزام هڻي پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو

جُون 1, 2024

اينٽي ڪرپشن سنڌ جي هٽايل چيئرمين فرحت جوڻيجو کاتي اندر ڪرپشن جو منظم سسٽم هلڻ جا الزام هڻي نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو، ٽائيم نيوز فرحت جوڻيجو پاران اينٽي ڪرپشن جي وزير محمد بخش مهر کي لکيل خط هٿ ڪري ورتو، فرحت جوڻيجو خط ۾ چيو آهي ته شهر يار مهر نالي هڪ خانگي فرنٽ مين کاتي اندر ڪرپشن جو سسٽم هلائي رهيو آهي، اينٽي ڪرپشن جي صوبائي وزير محمد بخش مهر سان گڏجاڻي دوران فرنٽ مين شهر يار مهر به موجود هو، عيد کان اڳ مون کي منهنجي حصي جي رشوت طور لفافو ڏنو ويو، مون ڊائريڪٽر کي اهو چئي لفافو واپس ڪيو ته هي لفافو ماڻهن جي رت ۾ ٻڏل آهي، ڇاڪاڻ ته رشوت جي اها رقم اسپتالن، خوراڪ کاتي، تعليم کاتي ۽ ٻين ادارن مان ورتي وئي آهي، رشوت جي رقم واپس ڪرڻ بعد مون کي ڪرپٽ سسٽم لاءِ هڪ خطرو سمجهڻ شروع ڪيو ويو، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي آفيس ۾ ماهوار 6 کان 7 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، فرحت جوڻيجو پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ امتياز ابڙو ۽ خانگي فرنٽ مين شهريار مهر ڊائريڪٽرز جي مقررين تي 16-16 لک روپيا رشوت ورتي، سرڪل آفيسر به 5 کان 10 لک روپين عيوض مقرر ڪيا پيا وڃن

اينٽي ڪرپشن سنڌ جي هٽايل چيئرمين فرحت جوڻيجو جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن: صوبائي وزير محمد بخش مهر جي ترجمان جو بيان

اينٽي ڪرپشن سنڌ جي هٽايل چيئرمين فرحت جوڻيجو جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن، فرحت جوڻيجو عهدي تي رهڻ دوران اهڙا الزام ڇو نه هنيا، عهدي تان هٽائڻ بعد هاڻي الزام ڇو پيو هڻي؟ سينيئر آفيسر جي افسوسناڪ بيان ۽ الزامن جي جاچ ڪرائي ويندي: اينٽي ڪرپشن جي صوبائي وزير محمد بخش مهر جي ترجمان جو بيان، صوبائي وزير جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته فرحت جوڻيجو صوبائي وزير کي نه ڪو خط لکيو آهي ۽ نه اهڙو خط مليو آهي، فرحت جوڻيجو جو بيان ضابطن جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿو، فرحت جوڻيجو عهدي تي رهڻ دوران پنهنجيون ذميواريون ۽ ڏنل ٽاسڪ به پورو نه ڪيو، سينيئر آفيسر ٿي ڪري اهڙي حرڪت ڪرڻ مان فرحت جوڻيجو جي دماغي حالت ۽ اهليت جي خبر پوي ٿي، فرحت جوڻيجو جي لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائي ويندي

Leave A Comment