فاطمه ڦرڙو ڪيس جي شاهدن بيان ڦيرائي ڇڏيا، دهشتگردي جا قلم ختم، ڪيس سيشن عدالت منتقل
آگسٽ 13, 2024
خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ٿي ويل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي آن لائين ٻڌڻي، شاهدن بيان ڦيرائي ڇڏيا، عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو، خبر موجب راڻيپور جي پيراڻي حويليءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي آن لائين ٻڌڻي ٿي، آن لائين ٻڌڻي ۾ ڪيس جا جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاھه ۽ امتياز ميراثي پيش ٿيا، عدالت ان موقعي تي ڪيس جي 5 شاهدن مسمات اجالا، مسمات ثانيا، صغير، محمد حسن ۽ نصير احمد جي شاهديءَ جي آڌار تي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو، ڪيس جي شاھدن عدالت ۾ گواهي ڏني ته ڄاڻايل جوابدار بيگناهه آهن، معصوم نينگري جو طبي موت ٿيو آهي، پيرن نينگريءَ کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو بچي نه سگهي، عدالت طرفان ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 21 آگسٽ تي رکي وئي آهي.
پيرن مک شاهد زرينا جانوري کي ماري ڇڏيو آهي: والد نديم
خيرپور: مقتول نينگري فاطمه ڦرڙو جي والد نديم ڦرڙو عدالت کان مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪري ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي، ان موقعي تي هن انڪشاف ڪيو ته منهنجي نياڻي جي فوت ٿيڻ وقت حنا شاهه سان گڏ بيٺل نينگري زرينا جانوري هن ڪيس جي مک شاهد هئي، جنهن کي پڻ پيرن ماري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان کي عدالت مان انصاف جي ڀرپور اميد هئي پر اڄوڪي فيصلي سان مايوسي ٿي آهي.
جوابدارن شاهدن کي پئسن جون لالچون ۽ ڌمڪيون ڏنيون: وارث
خيرپور: فاطمه ڦرڙو جي والدين چيو ته پيرن طرفان ڪيس جي شاهدن کي پئسن جون لالچون ڏيڻ سان گڏ کين سنگين نوعيت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي شاهديءَ تان ڦري ويا آهن ۽ منهنجي نياڻيءَ جي موت کي طبي موت قرار ڏئي رهيا آهن.
نياڻي جي خون سان انصاف نه ٿيو ته پاڻ ساڙينديس: امڙ شبنم
خيرپور: عدالتي فيصلي کانپوءِ مقتول نينگري جي امڙ شبنم ڦرڙو هنجون هاريندي رهي، سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏھن منهنجي نياڻيءَ جي خون سان انصاف نه ٿيو ته هوءَ پاڻ ساڙيندي.