فضل الرحمان کي پرچائڻ جي ڪوشش، وزيراعظم سندس گهر پهچي ويو،چيلنجز ۾ مدد ۽ حمايت طلب

آگسٽ 31, 2024

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف به جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملڻ لاءِ سندس رهائشگاهه پهچي ويو

ان دوران ملڪ کي پيش چيلينجز ۾ مدد ۽ حمايت گهري وئي. ذريعن موجب اتحادي حڪومت جي ٻن وڏن جي ملاقاتن جو مقصد مولانا فضل الرحمان جي ناراضگي ختم ڪرڻ ۽ انهن کي پرچائڻ آهي

تازي ملاقات دوران مولانا کي اهو به چيو ويو ته سندس خدشا ختم ڪيا ويندا. ملاقات دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان هڪ جمهوري سوچ رکندڙ سينيئر سياستدان آهي، هو هميشه جيان جمهوري سياسي سوچ سان اسان سان گڏ اڳتي هلي

شهبازشريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان انتشاري ٽولي جي سياست کي رد ڪري ڇڏيندو. ذريعن موجب وفاقي حڪومت مولانا کي خاطري ڪرائي ته سندس خدشا ختم ڪيا ويندا.

Leave A Comment