ايف بي آر ٽيڪس  وصولي ۾ ناڪام رھيو آھي، انھي ڪري اھي سمورا خرچ بجلي جي بلن ۾  مڙھي پورا ڪيا پيا  وڃن: بلاول ڀٽو

آگسٽ 29, 2024

 ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته بجلي جي ڳرن بلن سان غريب عوام کي ڪرنٽ لڳي وڃي ٿو، عوام مٿان مهانگائي جو ملبو اڇلائڻ عقلمندي ناهي، ڪراچي م سولر  سسٽم فراهمي  واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته  سنڌ حڪومت جو سولر منصوبو اسان جي منشور موجب آهي، مهانگائي جو اثر بجلي جي بلز  تي وڌيڪ پيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، پ پ چيئرمين سنڌ جي وزيراعلي ٰ کي پنجاب ۾ سستي بجلي پروگرام جي جائزي ۽ وفاق سان ڳالهائڻ جو ٽاسڪ ڏيندي چيو آھي ته وفاقي ادارا تباھ ٿي ويا آھن، ايف بي آر ٽيڪس  وصولي ۾ ناڪام رھيو آھي، انھي ڪري اھي سمورا خرچ بجلي جي بلن ۾  مڙھي پورا ڪيا پيا  وڃن، هن چيو ته اسان به پنجاب جيان سستي بجلي ڏئي سگهون ٿا ته سولر پروگرام ڌوڙ پائي، پر عوام کي 2 مهينا رليف ڏيڻ جي چڪر ۾ 12 مهينا تڪليف ٿئي ته پوءِ سولر نظام سٺو آهي، اسان مھانگائي خلاف جڏهن لانگ مارچ ڪيو ته اهڙو ئي فيصلو پي ٽي آءِ باني  ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 20 رپيا گھٽتائي ڪئي،  جنهن جو نتيجو عوام اڄ تائين مهانگائي جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي، هينئر نه لانگ مارچ آهي ۽ نه ئي بي اعتمادي واري رٿ آيل آهي ، انهي صورت ۾ مريم حڪومت جو سستي بجلي وارو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، آئون پڇان ٿو ته مريم نواز کي ڪهڙو خوف اهي ؟ هن چيو ته جيڪڏهن وفاق جو نمائندو اسان کي قائل ڪري ته اسان سندن طريقي تي هلنداسين، پر وفاق جي رٿا تڪراري ٿي ته پوءِ اسان جي پروگرام ۾ ساٿ ڏيو، وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪندا ته عوام کي فائدو ٿيندو. انهي کان اڳ  وڏي وزير مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت صحيح ڪم ڪري ته بجلي سستي ٿي سگهي ٿي، ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي، ٻيا ماڻهو اڃا منصوبا ٺاهيندا آهن پر اسان اڳتي وڌي ڪم ڪندا آهيون، اسان جي پاليسي ٺهيل آهي، وفاق رڳو اسان جو منشور پڙهي وٺي.

Leave A Comment