وفاقي ۽ صوبائي ادارن ڏانهن بجلي جون اڍائي کرب جون رهتون: سنڌ سرڪار 54 ارب جي قرضي

سيپٽمبر 5, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)   قومي اسيمبلي کي ٻڌايو  ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتي ادارن ڏانهن 2 کرب 56 ارب بجلي جون رهتون آهن. قومي اسيمبلي ۾ توانائي وزارت پاران  جمع ڪرايل لکت ۾ جواب ۾ چيو  ويو  وفاقي حڪومتي ادارا بجلي ڪمپنين جا بجلي جي مد ۾ 47 ارب 81 ڪروڙ رپين جا قرضي آهن، جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي ماتحت ادارن ڏانهن بجلي جي مد ۾ 1 کرب 51 ڪروڙ رپين جون رهتون آهن. دستاويزن موجب پنجاب حڪومت ڏانهن 5 بجلي جي ڪمپنين جا 33 ارب 5 ڪروڙ، خيبرپختونخوا حڪومت ڏانهن پيسڪو ۽ ٽسڪو جا 26 ارب 25 ڪروڙ، سنڌ حڪومت ڏانهن حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جا 54 ارب کان وڌيڪ جڏهن ته بلوچستان حڪومت ڏانهن ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جا 38 ارب 29 ڪروڙ رپيا بقايا آهن. دستاويزن موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ڏانهن 56 ارب 77 ڪروڙ رپيا ڊسڪوز جو بجلي جي مد ۾ بقايا آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي جواب ۾ قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آھي ته  پيٽروليم شعبي جي گردشي قرضن جي رقم 2897 ارب رپين تائين پهچي وئي، ان رقم ۾ 814 ارب رپيا وياج به شامل آهي.    قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته   سنڌ ۾  36 ونڊ پاور منصوبن ذريعي 1845 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ 10 سولر انرجي منصوبن مان 680 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. 4 هائيڊل منصوبن مان 1053 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. شگر ملن جي ڪمند جي ڦوڳ مان 259 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ذريعي قابل تجديد توانائي جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن.  سيد حسين طارق چيو آهي ته آصف علي زرداري گئس جو مسئلو حل ڪڍيو آهي، آصف علي زرداري ايران سان گئس جي معاهدو ڪيو، ڪجهه ڏينهن اڳ ايران پاڪستان کي حتمي نوٽيس ڏنو آهي. ايران سان ڪم ڪٿي پهتو ته 18 بلين جي پينلٽي ڪٿان ڀرينداسين. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته هي 18 بلين جو نمبر ڪٿان آيو؟ مان هڪ وزير آهيان ايرانين ان جو ذڪر نه ڪيو، ڪٿي به 18 بلين جي ڳالهه ناهي ٿي، ان ڪيس ۾ عالمي پابندين جو عنصر به آهي، ان معاملي ۾ تمام گهڻيون پيچيدگيون آهن. جيڪڏهن بريفنگ وٺڻ چاهيو ته ان ڪئميرا بريفنگ لاءِ تيار آهيان.

Leave A Comment