وفاق جي 18 هزار ارب جي بجيٽ اڄ پيش، 9 هزار ارب خسارو، پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ، سموري ٽيڪس ڇوٽ ختم
جُون 12, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مالي سال 25-2024ع جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، ناڻي جو وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو، ڪل آمدني جو تخمينو 15 هزار 424 ارب لڳايو ويو آھي جڏهن ته ٽيڪس آمدني جو مجموعي تخمينو 13 هزار 320 ارب جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي ذريعن مطابق اڄ پيش ٿيندڙ بجيٽ لڳ ڀڳ 9 هزار ارب روپين جي خساري واري بجيٽ هوندي بجيٽ جو ڪل حجم 18 هزار ارب هوندو , ايف بي آر لاء ٽيڪس وصولين جو هدف 12 هزار 900 ارب مقرر ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آھي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ آمدني جو هدف 2103 ارب مقرر ڪرڻ جي تجويز آھي جڏهن ته ايندڙ مالي سال دوران خرچن جو تخمينو مجموعي طور تي 24710 ارب روپيا لڳايو ويو آھي ايندڙ مالي سال دوران قرضن تي وياج جي ادائگي لاء 9700 ارب رکيا پيا وڃن ,ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي , دفاعي بجيٽ لاء 21 سو ارب , توانائي شعبي لاء 253 ارب , انفرااسٽيڪچر لاء 827 ارب , پاڻي منصوبن لاء 206 ارب سيلز ڇوٽ ختم ڪري ساڍا پنج سو ارب اضافي وصول ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آھي وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب روپين جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن موجب نئين مالي سال ۾ پيداواري شرح جو هدف 3.6 مقرر ڪرڻ جي تجويز، زرعي شعبي ۾ ترقي جو هدف 2 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني ويندي، بجيٽ دستاويزن موجب پي ايس ڊي پي ۾ وفاق لاءِ 550 ارب روپين جي واڌ سان 15 سئو ارب روپيا رکيا ويندا، صوبن جي ترقياتي پروگرام لاءِ 462 ارب روپين جي واڌ سان 2 هزار 95 ارب روپيا رکيا ويندا، سنڌ ترقياتي رٿائن تي سڀ کان وڌيڪ 764 ارب روپيا خرچ ڪندو، پنجاب لاءِ 700، ڪي پي لاءِ 351 ۽ بلوچستان لاءِ 281 ارب روپيا رکيا ويندا.جڏهن ته پينشن جي مد ۾ 960 ارب , سبسڊي جي مد ۾ 1509 ارب , صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ايندڙ مالي سال دوران 7هزار ارب جاري ٿيندا . نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ سگريٽ، صابڻ، کنڊ، گيهه، چانهن جي پتي، ميڪ اپ جو سامان ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيڻ جا امڪان آهن