وفاقي ڪابينا جو اهم اجلا س جاري: ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان

مارچ 30, 2024

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلا س جاري، وفاقي ڪابينا پاران ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان، اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز پاران ڳجهن ادارن تي مداخلت جي لڳايل الزامن بابت غور ويچار، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات بعد وفاقي سرڪار ججز جي الزامن جي جاچ لاءِ هڪ رڪني ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي، وزيراعظم چئي چڪو آهي ته عدليه جي آزاديءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ پاران به واضح ڪيو ويو هو ته عدالتي معاملن ۾ ڪا به مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي

Leave A Comment