اپوزيشن جي مخالفت باوجود وفاقي ڪابينا پاران آپريشن عزم استحڪام جي منظوري: مقصد دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آهي: وزيراعظم

جُون 25, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا اجلاس ۾ عزم استحڪام جي حوالي سان گردش ڪندڙ افواهن ۽ ڳالهين جي حوالي سان ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندي وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام هڪ مختلف سيڪيورٽي ادارن جي تعاون ۽ پوري رياست نظام جو مجموعي ويزن آهي. ان مقصد لاءِ ڪنهن نئين منظم هٿياربند آپريشن بجاءِ پهريان جاري انٽيلجنس جي بنياد تي ڪارواين کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. وڏي پئماني تي هٿياربند آپريشن جنهن جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ واري ڳالهه غلط فهمي آهي، عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردن جي باقيات، ڏوهن، دهشتگردن جي گٺ جوڙ ۽ ملڪ ۾ پر تشدد انتها پسندي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ آهي. وزير اعظم چيو ته عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سولر پينلز تي ڪنهن به قسم جي نئين ڊيوٽي نه لڳائي ويندي. گهٽ لاڳت شمسي توانائي هر شهري تائين پهچائينداسين، معيشت ۾ بهتري لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهيون، جنهن سان ملڪ  معاشي استحڪام طرف تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. ننڍي ۽ وچولي پيماني تي صنعت کي ترقي ڏئي ملڪي درآمدات ۾ اضافو ڪنداسين. اشرافيه ۽ ملڪي وسيلن جو استعمال ڪرڻ وارن جون مراعتون ختم ڪيون وينديون. عام ماڻهو جي معاشي تحفظ ۽ ان کي برابر ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بجيٽ 25/2024 دوران وزير پارليامينٽ ۾ پنهنجي حاضري کي يقين بڻائين. اجلاس ۾ رياستي ادارن جي نجڪاري خاص ڪري پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي بڊنگ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي واپار واري وزارت جي سفارش ۽ گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام افغانستان جي درخواست تي وفاقي ڪابينا ٽرڪ پارٽس تي مشتمل ڪنٽينر کي ڪراچي کان ڪابل منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري ڊويزن جي سفارش تي وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن واري وزارت، حڪومت پاڪستان ۽ اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي سعودي عرب وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني. وفاقي حڪومت بهاولپور جي امير (مرحوم) جي غير منقوله ملڪيت بابت عملدرآمد ڪاميٽي جي مدي ۾ مارچ 2025 تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڊويزن آف اسٽيٽ اينڊ بارڊر ايرياز جي سفارش ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا، ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي فريڪوئنسي ايلوڪيشن بورڊ (اي ايف بي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي کنڊ برآمد ڪرڻ بابت اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جا ڪافي ذخيرا موجود آهن ، کنڊ ايڪسپورٽ جي به منظوري ڏني وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم واضح هدايت جاري ڪئي ته کنڊ جي اگهه ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم ان حوالي سان ڪابينا ڪاميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا کنڊ جي قيمت جي نگراني ڪندي ۽ جيڪڏهن کنڊ جي اگهه ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ جو خدشو آهي ته ان جي وڌيڪ ايڪسپورٽ بند ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) جي مالي سال 23-2022 جي سالياني رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا 13 جون 2024ع تي ٿيل اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا 11 جون 2024ع تي قانونسازي ڪيس بابت ڪابينا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا 20 جون 2024ع تي ٿيندڙ رياستي ادارن جي ڪابينا ڪاميٽي (سي سي او ايس او ايز) جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني.

Leave A Comment