وفاقي حڪومت عيد الاضحيٰ تي عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

جُون 11, 2024

وفاقي حڪومت عيد الاضحيٰ تي عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موڪلن جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

نوٽيفڪيشن موجب عيد جي پهرين ڏينهن سومر 17 جون کان اربع 19 جون تائين موڪل هوندي

واضح رهي ته مولانا عبدالخبير آزاد 7 جون تي مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو هو ته ملڪ ۾ پهرين ذوالحج 8 جون ۽ 10 ذوالحج يعني عيد الاضحيٰ 17 جون سومر تي ٿيندي

Leave A Comment