وفاقي حڪومت ٺاهڻ جا معاملا آخري مرحلي ۾ داخل: اڄ اهم فيصلن جو امڪان: پ پ ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي

فيبروري 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ حڪومت سازي جي معاملن تي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پ پ ۽ ن ليگ جي ڪاميٽين جو اڄ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي،  ذريعن مطابق مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ گڏجي ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جي لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ حڪومت سازي جا معاملا آخري مرحلن ۾ پهچي ويا آهن. ذريعن مطابق صدر ۽ اسپيڪر قومي اسيمبليءَ جا عهدا پيپلز پارٽيءَ کي ملندا. جڏهن ته چيئرمين سينيٽ ۽ چئني گورنرز جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن مطابق پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ گڏجي بلوچستان حڪومت ٺاهيندي. جنهن ۾ وزير اعليٰ پيپلز پارٽيءَ جو هوندو. پيپلز پارٽي پنجاب ۾ به ڪابينا جو حصو بڻجندي. پيپلز پارٽي  کي پنجاب ۾ 2 يا 3 وزارتون ملڻ جا امڪان آهن. پ پ ۽ ن ليگ جي ڪاميٽي جو اڄ اجلاس پڻ ٿيندو. هوڏانهن خواجه آصف تصديق ڪئي آهي ته وفاق ۾ مسلم ليگ ن، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي حڪومت ٺاهڻ واري آهي، خانگي ٽي وي چينل موجب اندر جي خبر ڏيڻ وارن ٻڌايو آهي ته ايندڙ حڪومت ڪجهه ڏينهن ۾ ٺهي ويندي، پ پ ن ليگ جي ويهڪ اڄ وري ٿيندي، جنهن ۾ اهم اڳڀرائي جو امڪان آهي. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اڃا ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿي. ڪابينا ۾ شموليت جو فيصلو اڄ ٿيندو. هن چيو ته اڄ ڪاميٽين جي اجلاس بعد فيصلو ٿيندو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته  ڪوشش آهي ته حڪومت سازي تي ڳالهيون جلد مڪمل ڪريون. اسحاق ڊار چيو ته مشاورت جا چار دور مڪمل ٿي چڪا آهن، پنجون اڄ اٿيندو، اڄوڪي اجلاس ۾ اهم اڳڀرائي جي اميد آهي. مشاورت مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي پارٽين پاران با ضابطه گڏيل پڌرائي جاري ڪئي ويندي. طئه ٿيل طيقيڪار موجب مشاورت مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪا ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. هن چيو ته مون کي به ڪيترائي فون آيا آهن اپڊيٽ لاءِ، پر ڪجهه ٻڌائي نٿو سگھان. ڪجهه ڏينهن اڳ ڌريون چوڌري شجاعت جي گھر موجود هيون. سمورين پارٽين هڪ ئي ڳالهه ڪئي ته ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لا گڏجي هلڻو آهي.

Leave A Comment