وفاقي حڪومت آءِ ايس آءِ کي ڪالز ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو
جُولاءِ 9, 2024
وفاقي ڪابينا آءِ ايس آءِ جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي حساس اداري کي ڪال ٽريس ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني، سمري جي منظوري قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪنهن ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي، ڪابينا پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 جي سيڪشن 54 تحت حساس اداري کي ڪال ٽريس ڪرڻ جا اختيار ڏنا آهن، نوٽيفڪيشن موجب حساس ادارو جنهن آفيسر کي نامزد ڪندو اهو گريڊ 18 کان گهٽ درجي جو آفيسر نه هوندو