وفاقي سرڪار گم ٿيل شاعر احمد فرهاد جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

مَي 29, 2024

وفاقي سرڪار گم ٿيل شاعر احمد فرهاد جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

جسٽس محسن اختر ڪياني پاران ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت آڏو احمد فرهاد جي گرفتاريءَ بابت رپورٽ پيش ڪئي، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد آزاد ڪشمير پوليس جي حراست ۾ آهي

آءِ جي اسلام آباد به عدالت آڏو پيش ٿي چيو ته احمد فرهاد جي خلاف آزاد ڪشمير جي ڌِير ڪوٽ ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ هو ان ڪيس ۾ حراست هيٺ آهي

جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو ته عدالت ان وقت تائين درخواست ختم نه ٿي ڪري سگهي جيستائين هو آزاد ٿي پنهنجي گهر نه ٿو اچي وڃي، آءِ جي اسلام آباد چيو ته اهو علائقو اسلام آباد پوليس جي حدن ۾ نه ٿو اچي، ان ڪري واڳيل رياست جي پوليس سان رابطو ڪيو ويندو، عدالت احمد فرهاد جي وڪيل ايمان مزاري کي چيو ته واڳيل عدالت سان رجوع ڪري سندس آزادي تي عمل ڪرايو

جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو ته اسان کي ڪو به شوق نه آهي ۽ اسان غير ضروري طور ڳجهن ادارن کي عدالت طلب ڪرڻ نه ٿا چاهيون، هتي سڀ فوج سان پيار ڪن ٿا، مسئلو رڳو آئين تي عملدرآمد جو آهي، ادارا آئين ۽ قانون موجب هلندا رهن ته ڪنهن کي به عدالت طلب ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، شاعر احمد فرهاد جي گهر واري 16 مئي تي اسلام آباد جي لوهي ڀير ٿاڻي تي مڙس جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احمد فرهاد کي اڄ هر صورت ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

Leave A Comment