وفاقي سرڪار وڪيلن تائين پهچ نه ڏيڻ ۽ سهولتن جي کوٽ واري عمران خان جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي
جُون 6, 2024
وفاقي سرڪار وڪيلن تائين پهچ نه ڏيڻ ۽ سهولتن جي کوٽ واري پي ٽي آءِ باني عمران خان جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني جي بيان جي ترديد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اضافي دستاويز ۽ تصويرون به جمع ڪرائي ڇڏيون، حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان گهر ڀاتين ۽ وڪيلن جي ملاقاتن جي لسٽ به جمع ڪرائي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان قيدِ تنهائي ۾ هئڻ وارو موقف به غلط آهي، پي ٽي آءِ باني عران خان سان ملاقات ڪندڙن جي لسٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، حڪومتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ ڪتاب، ايئرڪولر ۽ ٽي وي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، عدالت مناسب سمجهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو بيان ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميشن به مقرر ڪري سگهي ٿي، پي ٽي آءِ باني عمران خان نيب ترميمن ڪيس ۾ گذريل ٻڌڻي دوران وڪيلن تائين رسائي ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ جي شڪايت ڪئي هئي
پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ ڪتاب، ايئرڪولر ۽ ٽي وي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن