وفاقي سرڪار ملڪ ٽوڙڻ کان پاسو ڪري: سنڌ اسيمبلي پاران ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميمن خلاف ٺهراءُ منظور
سيپٽمبر 10, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميمن کي مڪمل طور رد ڪندي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ هڪ ٽُٻڪي جي تبديلي به 91ع واري ٺاھه جي ڀڃڪڙي ۽ غيرآئيني قدم آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم بدران 91ع واري ٺاھه تي مڪمل عمل ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي نثار کهڙي پاران ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ جي پيپلز پارٽي جي ميمبرن پنهنجن بينچن تان اُٿي بيهي حمايت ڪئي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ميمبرن ووٽ ڏئي ٺهراءُ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان موقعي تي ٺهراءُ بابت ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو اثر پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي پوندو. پاڻي صوبائي سبجيڪٽ آهي، انهي لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ سنڌ جي رضامندي بنا ڪا ترميم نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته ارسا چيئرمين ڪو حاضر سروس يا رٽائرڊ بيورو ڪريٽ ( ڪامورو) بڻجي نه ٿو سگهجي پر روٽيشن جي بنياد تي صوبن جي ارسا ميمبرن مان ئي بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته سنڌ جو مطالبو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ارسا جو ڪم پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪرائي صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي، وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو قدم کڻي پاڪستان جي فيڊريشن ( وفاق)کي ٽوڙڻ وارو ڪم نه ڪري. هن چيو ته مشاورت کانپوءِ پاڻي جو 1991ع وارو معاهدو ٿيو هو، جنهن تي 4 صوبن جي وڏن وزيرن جون صحيحون پڻ موجود آهن،ان وقت به ان پاڻي معاهدي ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ڇڏڻ بابت اعتراض هيو، معاهدي ۾ صوبن کي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ کي جمع/ذخيرو ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏنل هئي ،جنهن تي پڻ اعتراض هو. هن چيو ته پاڻيءَ جي 1991ع واري معاهدي باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه پيو ملي، سنڌ جون زمينون غيرآباد آهن ، ڪيترن علائقن ۾ ته روٽيشن ( وارابندي) جي بنياد تي پاڻي ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته پاڻيءَ تي سڀ کان پهريون حق پڇڙي واري صوبي جو هوندو آهي، سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي پر پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ سان راند کيڏي پئي وڃي. هن چيو ته ارسا طرفان پاڻيءَ جي ورڇ پيرا 2 بجاءِ ڪڏهن تاريخي فارمولي ته ڪڏهن ٽه رخي فارمولي تي ٿي رهي آهي، جنهن تي پڻ سنڌ کي اعتراض آهن، سنڌ جو مطالبو آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ پيرا 2 تحت ڪئي وڃي. هن چيو ته اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪري سنڌ جو پٽ هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، پاڻيءَ جي کوٽ جي صورت ۾ سڀني صوبن ۾ کوٽ برابر ورھائي وڃي، صرف سنڌ جي حصي مان پاڻيءَ جي ڪٽوتي سنڌ سان زيادتي آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ سميت 3 اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم خلاف قراردادون منظور ڪيون، ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڪثر اِهو الزام لڳايو ويندو هو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻيءَ سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي پر حقيقت ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي، جيڪو ڪڏهن به ڇڏيو ناهي ويو، جنهن ڪري ٺٽي ۽ بدين سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي 20 لک ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو قبول ناهي، انهي لاءِ ارسا پاڻيءَ جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪري پاڻيءَ جي شفاف ورڇ يقيني بڻائي، وفاقي حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم نه ڪري. صوبائي وزير سردار شاھه چيو ته ڀارت کان پاڪستان ۾ 5 درياھه پهچن ٿا ، سنڌ طاس معاهدي هيٺ 3 درياءُ ڀارت کي ڏئي اسان سان زيادتي ڪئي وئي، اهڙو معاهدو ڪرڻ وقت به سنڌ کان نه پڇيو ويو هو، دنيا چوي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ پاڻي تي جنگ ٿيندي، هن چيو ته سمنڊ روزانو سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي پيو، اها ئي صورتحال رهي ته پوءِ ڪراچي، بدين ۽ ٺٽو مٽجي ويندا، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌو ۾ پاڻي نه آيو ته اسان رت جا قطرا ڏينداسين. هن چيو ته پاڻي وفاق جو معاملو ئي ناهي، جڏهن ارسا ٺهي هئي، اسان کي انهي اداري تي به اعتراض هئا، پر مجبوري ۾ قبول ڪيوسين، هاڻي اهڙو ڇا ٿيو آهي ته حڪومت کي اوچتو خيال آيو آهي ته 21هين گريڊ جي آفيسر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻو آهي. اسان 4 صوبا آئيني يونٽ آھيون. فيڊريشن صوبن بنا نٿي ھلي سگھي، پيپلزپارٽي قرباني ڏئي پاڪستان ۽ فيڊريشن کي بچايو، ھي رٿ پاڻي نه پر فيڊريشن کي بچائڻ جي ڪوشش آھي. اسان پاڪستان جي ترقي خلاف ناھيون، پاڻي نه ھوندو ته اسان جي زراعت ختم ٿي ويندي، اسان رڳو آئين تي عمل جي ڳالهه ڪريون پيا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن کي خاص طور تي خالد مقبول صديقي کي وفاق ۾ به سنڌ جو آواز اٿارڻ گھرجي، نه ته تاريخ کين معاف نه ڪندي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته ارسا ايڪٽ جو هڪ ٽُٻڪو به تبديل ڪرڻ به پوري معاهدو تبديل ڪرڻ برابر آهي، جيڪڏهن رڳو نئون چيئرمين مقرر ڪري ان کي ئي بااختيار ڪيو ويندو ته پوءِ پاڻي ٺاھ ته ڇڏيو پر پوري آئين جي به ڀڃڪڙي ٿيندي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا. پ پ ايم پي اي امداد پتافي چيو ته هي ٺهراءُ سنڌ جو آواز آهي، پ پ قيادت ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون، اسان ڪيستائين برداشت ڪنداسين؟ پ پ جي رياض شاھه شيرازي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم انهي لاءِ ڪئي پئي وڃي ته جيئن نوان واھه کوٽي چولستان ۽ ٻين علائقن ۾ غيرآباد زمينون آباد ڪيون وڃن، جيڪڏهن غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته سنڌ به پاڪستان جو حصو آهي، اسان وٽ ٿر ۽ ڪوهستان سميت ٻين علائقن ۾ ڪيتريون ئي زمينون غير آباد آهن، اسان کي به واھ کوٽي پاڻي ڏنو وڃي، پاڻي جي کوٽ کي سڀ کان وڌيڪ لاڙ وارا ضلعا منهن ڏين ٿا. اڳوڻي وزير اسماعيل راهو تقرير ڪندي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناهي، سنڌ سان نا انصافي نه ڪئي وڃي، پ پ ايم پي اي سعديه جاويد، ماروي راشدي ۽ ٻين ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پڇڙي ۾ آهي انهي ڪري پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي، هنن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا قبول نه ڪنداسين.