وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو اعلان

اپريل 26, 2024

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جو اعلان، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ وڌيڪ نفري جي ضرورت آهي، وفاقي سرڪار کي اسلام آباد پوليس ۾ وڌيڪ 2 هزار اهلڪارن جي ڀرتي لاءِ چونداسين، شهرين جي شڪايت تي ايف آءِ آر درج نه ڪندڙ پوليس آفيسرز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ محسن نقوي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سان 25 سال پراڻو تعلق آهي، ڪنهن جي خواهش تي اهو تعلق خراب نه ٿيندو

Leave A Comment