وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڇڪتاڻ ختم: غلام نبي ميمڻ ٻيهر آءِ جي سنڌ مقرر

مارچ 25, 2024

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو رپورٽ + اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت پوليس گروپ جي گريڊ 21 جي آفيسر غلام نبي ميمڻ کي ٻيهر انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مقرر ڪري ڇڏيو.  اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب واپار واري وزارت جي اداري اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني ۾ ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندڙ  غلام نبي ميمڻ  کي بدلي ڪري آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آھي، نوٽيفڪشن فوري لاڳو تصور ٿيندو، غلام نبي ميمڻ پوليس سروس پاڪستان جي گريڊ 21 ھين جو آفيسر آھي. ھو آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت اھم عھدن تي رھي چڪو آھي. جڏهن ته آءِ جي سنڌ طور ڪم ڪندڙ پوليس گروپ جي گريڊ 21 جي آفيسر رفعت مختيار کي عهدي تان هٽائي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. غلام نبي ميمڻ کي نگران حڪومت ۾ عهدي تان هٽايو ويو هو، سنڌ ۾ پ پ حڪومت ٺهڻ بعد کيس ٻيهر آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو. سنڌ حڪومت صوبي ۾ نئين آءِ جيءَ جي مقرري لاءِ غلام نبي ميمڻ ۽ جاويد عالم اوڍو سميت 3 نالا وفاقي حڪومت کي اماڻيا هئا، ذريعن موجب غلام نبي ميمڻ جي نالي تي سنڌ حڪومت جي حلقن کي خدشا هئا، سرچاءُ ٿيڻ بعد وري وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ 21 ڏينهن لڳائي ڇڏيا، جنهن تي سنڌ حڪومت احتجاج پڻ ڪيو هو.

Leave A Comment