وفاق ۾ 4 وزارتون، ڪي پي جي گورنري ۽ بلوچستان حڪومت جو حصو ٿيو: جي يو آءِ کي آڇ

سيپٽمبر 7, 2024

اسلام آباد (م ڊ) اپوزيشن جماعت جمعيت علماءِ اسلام جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومتي وفد جي يو آءِ کي وفاق ۾ 4 وزارتون، ڪي پي جي گورنري ۽ بلوچستان حڪومت جي حصو ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي مگر مولانا فضل الرحمان جو موقف هو ته حڪومت سازي کان اڳ جي يو آءِ کي نظرانداز ڪيو ويو هو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ناهي ڪيو هن وزيراعظم کي في الحال حڪومت جو حصو نه ٿيڻ جو چيو هو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب مولانا جي ذريعن ٻڌايو ته حڪومت ڪنهن ٻين جي آهي ۽ بدنامي سياستدانن جي ٿي رهي آهي، ملڪ م پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته اقليتي حڪومت آهي. پيپلز پارٽي اشو ٽو اشو سياست ڪري رهي آهي، هوڏانهن ڪي پي حڪومت جي ترجمان ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بيرسٽر سيف جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ جي چوڻ تي مولانا جون اسان سان ڳالهيون ٿيون، اسان مولانا کي ناهي چيو ته اسان جي پليٽ فارم تان گڏيل طور ڪجهه ڪيو،

Leave A Comment